20181225 173819
 
“اگھوتري“ 
(بابا سائين جي نوٽس مان) گل حيات اداري ۾ اڄ ڪلھہ بابا سائين تحقيق دوران ورتل نوٽس کي ترتيب ڏئي رھيو آھي. آءُ سندس موضوعن کي ڏسندو آھيان تہ وڏو عجب ٿيندو آھي تہ بابا سائين ڪھڙا نہ عجيب ۽ اھم موضوع چونڊي انهن تي مواد گڏ ڪيو آھي.مثال طور  جيڪڏھن سنڌ ۾ لڳل باھيون، ضياءَ جي زماني ۾ ٿيل گرفتاريون، سياسي ڪارڪنن کي مليل ڦٽڪن جون سزائون، سنڌ جي واپاري ۽ تجارتي اھميت واريون ايڊورٽائزمينٽس۽ اگھوتري اھڙا اھم ۽ دلچسپ موضوع آھن.بابا جيڪي اخبارون ۽ رسالا پڙھيا ۽ انھن ۾ سنڌ جي مشاھيرن جي وفاتن بابت خبرون ڇپيون انهن تي الائي ڪيترا فائيل موجود آھن.
ڊيلي گزيٽ اخبار ۾ لڳ ڀڳ روزانو پرائيس لسٽون شايع ٿينديون ھيون 1896 کان وٺي 1947 تائين شايع ٿيل ڪيتريون پرائيس لسٽون گل حيات ۾ موجود آھن. پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ سنڌي اخبارن ۾ بہ اگھوتريون شايع ٿينديون ھيون انھن مان بہ ڪيتريون گل حيات ۾ موجود آھن.
مارچ 1896 ۾ ڪن شين جا جيڪي اگھہ ھيا انهن مان ڪي ھن ريت آھن: صوف في ڊزن 8 آنا،ڪيلا في ڊزن 1 آنو 6 پايون، ليمون ھڪ ڊزن 1 آنو 6 پايون،جوئر في سير 1 آنو، ٻاجهري في سير 1 آنو، چانور في سير 1 آنو 6 پايون، ٻارڻ لاءِ ڪاٺيون في مڻ 8 آنا، وڏو گوشت في  سير 2 آنا، ننڍو گوشت في سير 2 آنا 2  پايون، جهينگا  في سير 1آنو، مکڻ في سير 7 آنا، بدڪ جا آنا في ڊزن 5 آنا، ڪڪڙ جا آنا في ڊزن 5 آنا 2 پايون، کير في سير 1 آنو، ڪوئلو في سير 3 پايون، مائو ۽ مٺائي في سير 4 آنا، پٽاٽا ھڪ سير 6 پايون، انجير ھڪ سير 2 آنا، آلو بخارا في سير 2 آنا.اھي اگھوتريون ۽ ان جا انگ اکر سنڌ جي اقتصادي تاريخ جو اھم باب آھن.  
بابا جڏھن 1990۾ گل حيات قائم ڪيو تہ ھڪ پمفليٽ ڇپرايو ھيائين جنهن جوعنوان ھيو تہ “ ردي ڏيو ۽ تاريخ وٺو“ اخبارن ۾ روز  مره جيڪومواد شايع ٿئي ٿو اھو ڪھڙو بہ ھجي پر انجي لفظ لفظ جي مستقبل ۾ تاريخي اھميت ٿي وڃي ٿي ۽ اھو ڪم بابا سائين ثابت ڪري ڏيکاريو آھي ۽ مون ماضي جي اخبارن مان “ اگھوتري“ بابت جيڪا ھت معلومات ڏني آھي اھا پڻ اخبارن مان ورتل آھي. اسان اخبارن کي ماني ٻڌڻ يا ڪپڙن ۾ ويڙھڻ بدران جيڪڏھن پنهنجي ڳوٺ يا تر بابت انهن ۾ شايع ٿيل خبرون ۽ ٻيو مواد گڏ ڪري پيسٽ ڪندا ۽ جلد ٺاھي رکندا وڃئون تہ سڀاڻي اھا اسان جي تاريخ بڻجي ويندي.(ممتاز پٺاڻ)

Good Wishes