ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

سنڌي ادب جو وڏو نالو- حميد سنڌي

 

ورهاڱي کانپوءِ جڏهن سنڌ مان مرضيءَ ۽ مجبوريءَ سان سنڌي هندو اديب، شاعر ۽ دانشور سنڌ ڌرتي ڇڏي ويا ته اسان جي ادبي دنيا ۾ ماٺار اچي ويو. لڏي ويل هندن جي ادبي جاکوڙ، سندن ادبي ادارن ۽ پرنٽنگ پريسن جي جاءِ ڀرڻ وارن جي شدت سان ڪمي محسوس ٿيڻ لڳي ليڪن ڌرتيءَ جي مٽيءَ پنهنجي خوشبوءِ ڏيکارڻ شروع ڪئي ۽ پنهنجي ڪک مان اهڙن جوڌن جوانن کي جنم ڏيڻ جو آغاز ڪيو، جن ٻوليءَ جي جهولي ڀرڻ ۽ ادب جي آبياري ڪرڻ کي پنهنجي زندگيءَ جو مقصد بڻائي ڏيکاريو. جوت ۽ جوهرن وارن نوجوانن مان حميد سنڌي به هڪ هئو.

انگريزن جي دور ۾ ڪراچي سنڌي ٻولي، علم ادب ۽ ثقافت جو مکيه شهر هئو. حيدرآباد به انهيءَ سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي جوت جلائي رکي. پر پاڪستان ٿيڻ کانپوءِ حميد سنڌيءَ ۽ هن جهڙن ٻين عللمي قلمي مجاهدن حيدرآباد کي علمي، ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين جو مرڪز بڻائي ڇڏيو. هن شهر ۾ ادبي ڪارج ۽ قومي خدمت جي حوالي سان حميد سنڌيءَ سان گڏ جن ٻين بزرگن ساٿين جا نالا ڳڻائبا ته انهن مان محمد ابراهيم جتوئي، ع. ق. شيخ، ابن حيات پنهور، رسول بخش پليجو ذڪر لائق آهن.

1947ع کان ملڪ ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت قائم ٿيڻ تائين، سنڌ ۾ سياسي، ادبي ۽ تعليمي ۽ لساني حوالي سان ڪيتريون تحريڪون هليون، جن مان سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي جي درجي ڏيارڻ جي تحريڪ، شريف ڪميشن جي سنڌ دشمن فيصلن خلاف تحريڪ، ون يونٽ خلاف تحريڪ ذڪر لزئق آهن. حميد سنڌي انهن سمورين تحريڪن ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ سندس هيرآباد واري رهڻ جي جاءِ جهڙوڪ انهن  تحريڪن هلائيندڙن جي انڊر گرائونڊ ڪئمپ طور ڪم آئي.

هي اهو زمانو هئو، جڏهن علمي ۽ ادبي سرگرمين کي منظم ڪرڻ جي سخت ضرورت محسوس ٿيڻ لڳي. حالتن جي تقاضائن جا ناد ٻڌندي حميد سنڌيءَ حيدرآباد مان ”روح رهاڻ“ رسالو جاري ڪيو. انهيءَ رسالي ڪيترن ئي تازه دم  قلم-ڌڻين کي لکڻ ۽ پڙهڻ جو پليٽ فارم مهيا ڪري ڏنو، ۽ بزرگ ليکڪن کي پنهنجي ادبي خواهه نظرياتي ورڇ ڪرڻ جو موقعو ڏنو.

حميد سنڌي وقت گذرڻ سان گڏ دائمي طور تي پنهنجي ادبي ۽ قلمي شخصيت جا ٽي رخ مڃرائي ورتا، اهي هئا: تحريڪن ۾ روح ڦوڪڻ، سنڌي افسانوي ادب جي ترويج ڪرڻ ۽ نئين ادبي نسل جي دل و جان سان همت افزائي ڪرڻ. حميد سنڌي هڪ بهترين نثر نويس ۽ لاجواب افسانه نگار  طور سنڌ ۽ هند ۾ ڌاڪ ڄمائي ورتي. سندس اها حيثيت اڄ به قائم ۽ دائم آهي.

حميد سنڌيءَ جو تعليمي منتظيم جي حوالي سان طويل سفر به مثالي ۽ منفرد رهيو آهي. هو هن حوالي سان سنڌ جو واحد قلم-ڌڻي آهي ته هن باقي ٻين کان وڌيڪ اعليٰ رتبا ماڻيا ۽ نڀائي ڏيکاريا. هن سنڌ يونيورسٽيءَ جي امتحاني شعبي ۾ ملازمت ڪرڻ کانپوءِ حيدرآباد جي پبلڪ اسڪول، تعليم جي ڊائريڪٽر ۽ يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن طور سنڌ جي تعليمي نظام ۽ ادارن تي گهرا اثر ڇڏيا. سندس وائيس چانسلريءَ جي زماني ۾ خيرپور جي شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جيڪا تحقيقي، تدريسي ۽ ادبي حوالي سان ترقي ڪئي، اها اڄ به گهڻن لاءِ مثالي جي حيثيت رکي ٿي.

منصبي ذميوارين مان آزاد ٿيڻ کانپوءِ به حميد سنڌي پنهنجي جوت جا اڃا به اڳي کان اڳرا جوهر ڏيکارڻ ۾ مصروف آهي. وٽس جيڪي ادبي گڏجاڻيون ۽ روح رهاڻيون ٿين ٿيون، اهي جيڪڏهن رڪارڊ ڪري شايع ڪرائيون وڃجن ته هوند سنڌي ادبي جي سرگرمين واريءَ تاريخ ۾ اهم باب جو اضافو ٿي وڃي.

حميد سنڌيءَ سان منهنجو غائبانو تعلق انهن ڏهاڙن ۾ ٿيو، جڏهن هو ”روح رهاڻ“ رسالو ڪڍندو هو. پر جڏهن آئون سنڌالاجيءَ ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر ٿي آيس ته ان زماني ۾ حميد سنڌي صاحب حيدرآباد جي پبلڪ اسڪول جو پرنسپال هئو. ان زماني ۾ حيدرآباد جي شيدي برادريءَ کي سماجي طور منظم ٿيڻ ۽ هوش محمد شيديءَ جا ڏينهن ملهائڻ جو شوق ٿيو. حميد صاحب انهن جي سرپرستي ڪئي ۽ مان سندن ٻانهن ٻيلي ٿي رهيس. انهيءَ حوالي سان ساڻس جڏهن به ڪچهري ٿي ته اها پبلڪ اسڪول ۾ ٿي، جتي هو شام لڙي تائين ويٺو هوندو هو. هڪ دفعي مون کائنس پڇيو ته ايڏي دير تائين آفيس ۾ ڇو ٿا ويهو؟ جواب ڏنائين، ”پيتي سرسيتي مصداق گوڏا ڀڃي ويهڻو ٿو پئي. هيءَ منهنجي ننڍڙي مگر مڪمل دنيا آهي. اداري جي ناماچاري، ملازمن جون پگهارون، تدريسي عمل تي نگاهه، کوڙ سارا ڪم آهن. فقط نوڪري ڪبي ته ڪم نه هلندو، خدمت ڪرڻ لاءِ وقت ۽ صلاحيت کي ڪم آڻڻ ئي پوي ٿو.“ حميد سنڌي صاحب هڪ جاکوڙي عملدار جي اها روايت پنهنجي منصبي ڄمار جو اٽوٽ انگ بڻائي پاڻ کي هڪ معاملي فهم، برجستو ۽ فعال انتظامي اڳواڻ ثابت ڪري ڏيکاريو.

خدا کيس وڏي ڄمار ڏئي. هن شخص پنهنجي ڄمار کي ڪارائتو ڪري، ٻين لاءِ مثال قائم ڪيا آهن. هن ايترو ته علمي، ادبي ۽ انتظامي پورهيو ڪيو آهي، جنهن تي ڪيئي ڪتاب لکي سگهجن ٿا. هي وقت آهي ته حميد سنڌي صاحب پنهنجي آب-بيتي تي ڪم ڪري. ڇو ته هن جي دل ۽ دماغ ۾ اسان جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ جا ڪيترائي باب موجود آهن.

 

Good Wishes