ممتاز پٺاڻ

(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

  ڊاڪٽر مائيداساڻيءَ جا بابا سائينءَ ڏانھن خط“

 
 .FB_IMG_1660040505034.jpg
“ڊاڪٽر مائيداساڻيءَ جا بابا سائينءَ ڏانھن خط".
        بابا سائين ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جڏهن پي ايڇ.ڊي ڪندو هو تہ ڏساور ۾ رهندڙ انهن انگريز عيسائين, هندو ۽ سک ليکڪن سان خط و ڪتابت ڪئي, جن سنڌي ٻوليءَ ۽ علم ادب جي خدمت ڪئي. انھيءَ خط و ڪتابت ۾ تنھن دور بابت وڏي معلومات موجود آھي. ڊاڪٽر ايم آر مائيداساڻيءَ جو هڪ خط پڙھندڙن جي خدمت ۾ پيش ڪريان ٿو.
پرڏيهي عالمن جا خط (18 ڊسمبر 1980)
ڊاڪٽر ايم. آر مائيداساڻي
ميلهارام رنگو مل مائيداساڻي 13، آڪٽوبر 1911 ع تي 1 بجي ، تعلقي نوشهرو فيروز، ضلعي نواب شاھ ۾ ڄائو. پرائمري تعليم ڳوٺ جي اسڪول ۾ وٺڻ کان پوءِ انگريزي تعليم لاءِ “اي. وي اسڪول مٺياڻي’’ ۾ داخل ٿيو. ليڪن تعليم جي پورائي ڪرڻ لاءِ کيس “اين. ايڇ ائڪيڊمي” حيدرآباد، “ڪوڙو مل چندن مل ائڪيڊمي’’ ڀريا، ۽ “هاءِ اسڪول’’ ٺارو شاھ ۾ بہ پڙهڻو پيو. ان کان پوءِ ميڊيڪل ايڊيوڪيشن وري “ميڊيڪل اسڪول’’ حيدرآباد مان ورتائين.
هن صاحب طالبي علميءَ جي زماني ۾ ادبي دنيا ۾ قدم رکيو. سندس رچنائون پهريون پهريون “حيدرآباد گزيٽ’’، ۽ “ميڊيڪل اسڪول’’ جي مخزن “محبت’’ ۾ شايع ٿيون. ميڊيڪل اسڪول کي ڇڏڻ کان پوءِ صحافت جي دنيا وسايائين. 1936 ع ۾ “حيدرآباد گزيٽ’’ جو سب ايڊيٽر ۽ ان سان گڏ ڪراچيءَ جي “سنسار سماچار’’ جو خاطو ٿيو. 1937 ع ۾ جڏهن حيدرآباد مان “ڊيلي گزيٽ’’ جاري ٿي تہ ان جو ايڊيٽر ٿيو. 1938 ع  ۾ ڪراچيءَ مان روزانه “سنسار پتريڪ’’ ڪڍيائين، جيڪا ٿوري عرصي کان پوءِ بند ڪرڻي پيس. پوءِ وري هفتيوار “هندستان’’ جاري ڪيائين. 1939 ع ۾ “قرباني’’ ڪراچي، ۽ 1940 ع ۾ “سنسار سماچار’’ ڪراچيءَ ۾ ڪم ڪيائين. 1943 ع  ۾ حيدرآباد مان (جڳت آڏواڻي وارو) “ڪهاڻي’’ رسالو جاري ڪيائين، جيڪو 1947 ع تائين جاري رهيو. انهي عرصي دوران ڪيترائي مهينا روزاني “ديش متر’’ اخبار بہ هلائيندو رهيو.
هن صاحب شاعر، ايڊيٽر، ليکڪ، پرنٽر، پبلشر ۽ مترجم جي حيثيت سان سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي خدمت ڪئي آهي. سندس لکيل ڪتابن جو وچور هن ريت ٿئي ٿو:
“ڪانگريس گولڊن جوبلي بڪ’’ (1935)، “بغاوت’’ (ناول ترجمو 1943)، “ماتا ڪستورا’’ (1943)، “سج ٻہ پاڇا’’ (ناول 1944) “ارملا’’ (ترجمو ناول 1945)، “بکايل’’ (ترجمو ڪهاڻيون 1945)، “خوشبوءِ’’ (ترجمو ٿيل ڪهاڻيون 1944)، “مائيداساڻيءَ جون آکاڻيون’’ (1945)، “ڪلنگيڌر مهراج’’ (سوانح 1945)، “سوامي ديانند’’ (1945)، “ننڍي ڀيڻ’’ (ترجمو ناول 1945)، “نبتاجي’’ (1946)، “راجسٿان’’ (ترجمو ناٽڪ 1945)، “ ٻُچي رمضان’’ (ڪهاڻيون ترجمو 1946)، “ ست سورما’’ (1946)، “مظلوم سنڌ’’ (سياست ۽ تاريخ 1947). 
ڊاڪٽر ايم. آر مائيداساڻي ڀارت لڏي وڃڻ کان پوءِ سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي جيڪا خدمت ڪئي آهي، انهيءَ جي جهلڪ سندس خط مان نظر ايندي.
ناگپور، 4 جون 1976 ع
پريہ متر جناب در محمد صاحب
مون توهان کي سوالنامو ڀري موڪليو، تنهن کان پوءِ مون کي دل جي تڪليف ٿي ۽ 8 مئي کان 15 مئي تائين “ميئو اسپتال’’ ۾ انڊور پيشنٽ طور ڀرتي ٿيو هوس. پورو هفتو اسپتال ۾ رهيس، مگر خاص فائدو ڪونہ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ نہ پوري تپاس ٿَي ٿِي ۽ نہ پورو علاج. ائين تہ 16 سالن کان هاءِ بلڊ پريشر ۽ دل جي تڪليف اٿم، سو دوائون تہ هڪيون تڪيون رکيون هونديون آهن. ڪڏهن ڪاگوري يا ڪڏهن ڪا هڪ دوست جي آيرويدڪ دوا وٺندو رهندو آهيان. بدقسمتيءَ سان ڪٽنب ٻن اڌن ۾ (اڃا بہ ٽن حصن ۾) وراهجي ويو آهي. سنڌ ۾ هئاسين تہ گهر هڪ هنڌ هوندو هو. هتي ناگپور ۾ مان اڪيلو ۽ منهنجي وچئين ڀاءُ جا ٻار آهيون. منهنجي زال، پٽ، ننهن ۽ سندن پنج ٻار دهليءَ جي هڪ نگر ۾، منهنجو ننڍو ڀاءُ ٻارن سميت ٻئي نگر (دهليءَ ۾) ۾ رهندا آهن. سوا ٽن سالن کان مون پنهنجي اسپتال بند ڪري ڇڏي آهي. گهر ۾ دوائون رکيون اٿم. ڇٺ- ڇهہ ماهين ڪو مريض ايندو آهي تہ انڪار ڪري نہ سگهندو آهيانس. اجهو هن هفتي مان ٻن ميلن تان شهر مان (جنهن علائقي ۾ منهنجي اسپتال هئي) ٽن مريضن کي سيون بہ هڻي آيس ۽ دوائون بہ ڏيڻ آيس، پر سڀ اوڌر تي. منهنجا پريمي گراهڪ مون سان حجائتا هئا. اوڌر گهڻي هلندي هئي، جڏهن اپراسو گهٽ هو. ڪو اللّه لڳ ڪونہ ڏيندو هو سان، پر ڪاساين وانگر ڪهندڙ ڊاڪٽرن وارو منهنجو ڪٺور هردو ڪونہ هو. تنهنڪري مون ڪو محل تہ ٺهيو، پر جهوپڙي بہ ڪونه اڏي. ها! وري بہ لک شڪرانا سائين جا، جو منهنجي ڀائٽين جي بازن ۾ برڪت وڌي اٿس، ۽ هنن مڙسي ڪري مٿي لڪائڻ جيترو اجهو هٿ ڪيو آهي. سو نہ تہ آسمان ڇت ۽ پراين جاين جون ڀتيون منهنجي رهڻ جو آستان آهي. هڪ سال ٿيو آهي جو مسواڙيءَ مان مالڪ مڪان بڻيا آهيون. خير ڳالهہ ٻي هئي. توهان جو  ڪارڊ 14 مئي وارو 25 مئي تي مليو هو. هن وقت هتي وئل جي گرمي ۽ تپت آهي، سو ڪجهہ لکي نہ سگهيس. هاڻي چوماسو ويجهو آهي. بعضي بادل ۽ بعضي ڪو وسڪارو ٿئي ٿو. شاه صاحب جي بيت وانگر اڃا: “ اڄ بہ منهنجي يار وسڻ جا ويس ڪيا’’ ڪو نہ ٿيو آهي (جيئن سر سارنگ ۾ سهڻي شاعر چيو هو). سنڌ جون ڳالهيون ٻيون هيون. هتي ٻيون آهن. سنڌ ۾ مون جهونن رسالن- “سندر ساهيتہ’’، “رتن’’، “آشا’’، “ڀارت جيون’’ کي شهہ ڏئي پنهنجي “ڪهاڻي’’ رسالي کي اڳرو بڻايو هو. هتي ناگپور ۾ نہ ڪو ساهتڪار آهي ۽ ساهتيڪ کيتر، بٺ ملڪ آهي. بمبئي ساهيتہ ۽ ساهتيڪارن لاءِ ڀلي زمين. ٻج پيو ناهي ۽ سلو نڪتو ناهي. پوءِ ان جا بہ انبار ۽ ميون جا بہ ٽوڪرا ميڙي ٿا وڃن. پڙهندڙ بہ ججها ۽ اشتهار بہ جام. ان  ڪارڻ تہ ويچارو بولچند راجپال (سر ڳواسي) آگري، دهلي ۽ انت ۾ احمد آباد ۾ خاڪ ڇاڻي راھ رباني وٺي ويو ، مگر هن جو سنڌ وارو ناميارو “سنڌو’’ رسالو زور وٺي ڪونہ سگهيو. هن جي احمد آباد مان جاري ڪيل “سنڌو’’ ۾ منهنجو هڪ لنبو ليک “سنڌي ساهتيڪارن سان منهنجي واقفيت’’، قسطن ۾ ڇپيو هو. مگر آخري قسط جنهن ۾ پرنسپال لعل سنگهہ اجواڻي، ڪيرت، اتم، گوبند، موهن ڪلپنا، سڳن، ڪرشن راهي، سندري اتم چنداڻي، موتي پرڪاش، ۽ ڪلان پرڪاش، پوپٽي هيراننداڻي وغيره اچي ٿي ويا، سو پريس ۾ ئي هو تہ ملڪ الموت هن (بولچند راجپال) کي لقمو بڻائي ڇڏيو. ليک جو بہ ساڳيو حال ٿيو. ڪيڏانهن ويو اهو مسودو تنهنجي خبر خاوند کي. سنڌ ۾ اسان جن شروعات کان وٺي نڪتل ڪتابن ۽ اخبارن جو جملي خزانو اڄ بہ سنڌ جي . Oriental Translator of the  Sind Govt. وٽ موجود هوندو. اتان توهان کي جيڪو خزانو ملندو، سو پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ جو ڪتاب “سنڌي نثر جي تواريخ’’ بہ ڪونہ ڏئي سگهندو.
مان اڃا ننڍو هوس، جڏهن ڪراچيءَ مان مهراج تيجو رام روچيرام شرما جو “سنساتن ڌرم’’ رسالو ۽ ڪتاب نڪرندا هئا. ساڳئي وقت سکر  مان “هر سينگهہ سنس’’ ۽ شڪارپور مان “پوڪرداس ائنڊ سنس’’ خواھ ٻيا پرڪاشڪ ڪتاب ڪڍندا هئا. ڄيٺمل پرسرام جي بلئوٽسڪي پريس بہ انيڪ ننڍا وڏا پستڪ ڇپي ظاهر ڪيا. ڀائينڊ پريس (شاهي بازار) مان سردار سمير سنگهہ جو “سک ٽرئڪٽ’’ ۽ ساڳئي وقت حيدرآباد ۽  پوءِ ڪراچيءَ مان ميلهارام واسواڻي جو “سندر ساهتيه’’ ڪافي وڏي انداز ۾ ڪتاب ڪڍي سگهيا. حيدرآباد جي قلعي ڀرسان هوش محمد جي قبر ڀرسان جوتشي ٺاڪر داس جي پريس مان بہ ڪيترائي ناول نڪتا، جهڙوڪ “راجا ڏاهرسين’’. مکڪي گهٽيءَ ۾ بہ هڪ پبلشر هو. اڀرندي ڪچي ۾ (کاهي روڊ جي ڇيڙي وٽ- دومڻ واھ جي مٿان) هري سندر جو “ڪوڙومل ساهتيه مندل’’ ڪتاب ڪڍڻ ۾ ڪنهن کان بہ پوئتي ڪونہ هو. ٻيا بہ ڪيترائي پبلشر هئا. سکر چاهي حيدرآباد ۽ ڪراچي مان جاسوسي ناول (“چندر ڪانتا’’، “ممتاز دمساز’’ ۽ “چار يار’’ وغيره) به جام نڪتا هئا. اسان جو محترم دوست عثمان ڏيپلائي بہ گهڻو پوءِ ميدان ۾ آيو. پرمانند ميوا رام، خانچند درياني، ليلا رام ٺارومل ماکيجاڻي، ڌرمداس ميرچندراڻي، “گرسنگت’’ جي ماستر مينگهراج آڏواڻي ۽ ڪرمچند کان سواءِ ٻين بہ ڪيترن پنهنجي طرفان ڪتاب ڪڍي ڇپايا هئا. ليکراج “عزيز’’ بہ پوئتي ڪونہ پيو هو. خود “اين. ايڇ. ائڪڊميءَ (حيدرآباد) جي سامهون جيڪا نئشنل پريس هئي، تنهن مان بہ ڪيترا شايع ٿيا. هڪ نوجوان ڀڳوان تولاڻيءَ بہ ڪيترا ڪتاب ڇپايا هئا، ۽ پڻ ٻيو نوجوان هو موهن پنجابي، جنهن بہ ڪي ڪتاب ڪڍيا. “حيدرآباد گزيٽ’’ جي ايڊيٽر ۽ مالڪ دليپ سنگهه چتر سنگهہ ماڻڪاڻيءَ جي نہ رڳو “حيدرآباد گزيٽ’’ يا “ صوفي ڪلام’’ اخبارون نڪرنديون هيون، پر ڪجهہ وقت هڪ رسالو “محبت’’ نالي بہ ڪڍيو هئائين. ڪيترا ڪتاب بہ ڇپيا هئائين. اتر سنڌ جي مشهور شاعر لطف الله “جوڳي’’ رويندر ناٿ ٽاگور جي گيتا نجلي سنڌيءَ ۾ سڀ کان اڳ ڪڍي ظاهر ڪئي هئي. ان بعد ڪراچيءَ جي “رتن’’ رسالي وارن پروفيسر ايم. يو ملڪاڻيءَ جو نثراڻي نظم ۾ ترجمو ڪيل “گيتا نجلي’’ ڇپيو ۽ هاڻي هتي بمبئي جي “سنڌي ٽائيمس’’ وارن گوبند رام سلامتراءِ رائسنگهاڻي “سائل’’ جو “گيتا نجلي’’ جو نظم ۾ ترجمو ڇپيو آهي. حيدرآباد مان جشنمل جوتشيءَ جو  جوتش تي لکيل ڪتاب “ڪوڙيمل منڊل’’ وارن ڇپايو هو. 
توهان کي تہ سنڌ جي ليکڪن ۽ ساهتيڪارن ، اخبار نويسن ۽ بلشرن خواھ پريس وارن جو ذخيرو کپي. مان ڪن ٿورن جو مختصر اجوال ڏيان ٿو:
منهنجي ڳوٺ “ابجي’’ ۾ ٻہ شاعر هئا، جن جا نظم جا ڪتاب “نئشنل پريس،’’ حيدرآباد مان ڇپيا هئا. هڪ منهنجي بزرگ سوٽ گاگنداس گهنشيامداس مائيداساڻيءَ بتخلص “نهوڙيل’’ جو ڪتاب هو. هو صاحب سنجهوري ۾ سپروائيزنگ تپيدار هو. شعر بحر وزن تي پورو ۽ مائيدار هوس. هن جي شعر جا ٻہ يا ٽي دستخط ڪتاب موجود هئا، جي سندس ناٺيءَ وٽان ڪو پوني جو صاحب وٺي ويو تہ ڇپائيندس. مگر نہ ڇپايائين ۽ نہ واپس ڪيائين. ٻيو ڪتاب هو “ڄيٺمل جو ڪلام’’ “ننڍي ابجي’’ جو ڀڳت ڄيٺانند بہ حيدرآباد جي مشهور سيٺ وشنداس مانجهوءَ واري وانگر (جنهن جو “ڦليليءَ’’ تي سندس جيئري ميلو لڳندو هو) هر سال ميلو لڳائيندو هو. هو گلاب داسي هو. اهو ميلو ڀڳت صاحب باغ اندر لڳندو هو. هونءَ تہ گلاب داسين جي درٻار “ابجيءَ’’ جي ويجهو “سونهن’’ ۾  هئي، جتي پڻ هر سال ميلو لڳندو هو. حيدرآباد جي “سک ٽرئڪٽ’’ وارن مهراج هوند راج شرما جا به ڪي ڪتاب (ترجمو ٿيل) ڇپايا هئا. خود “سنسار سماچار’’ اخبار وارن بہ “خوني سماج’’ ۽ ٻيا ڪتاب (اول “سنسار سماچار’’ ۾ قسطن ۾ ڇپي) ڪڍيا هئا. مشهور ڪتاب “بندي جيون’’ جو صحيح معنيٰ ۾ ترجمان ٺاڪرداس اگناڻي مالڪ “سنسار سماچار’’ هو، پر هن ڪتاب تي نالو پنهنجي سوٽ ريجهومل اگناڻيءَ جو ڏنو هئائين.
حيدرآباد جي ڇوٽڪي گهٽي خواھ مولي ٻٻر واري گهٽيءَ جي پريسن جي مالڪ چيتن ديو ورما “يمراج’’ بہ ڪئين ڪتاب لکيا ۽ ڇپايا هئا. ڪجهه هن جي “آرين’’ پريس مان ڇپيا هئا. اها پريس تلڪ چاڙهي تي هئي. پوءِ کيساڻي بلڊنگ جي ڀرسان آئي، ۽ پاڪستان ٿيڻ بعد “مهراڻ’’ وارن جي هٿن ۾ آئي هئي.
پنهنجي باري ۾ ڇا چوان؟ ڪراچيءَ ۾ “الوحيد’’ جي ايڊيٽر مولوي دين محمد “وفائي’’ ۽ مئنيجر دين محمد “عليگ’’ سان السلام عليڪم جو رسنو هو. هنن وٽ هڪ سب ايڊيٽر ڌڻي بخش هو تنهن سان تہ چرچي ڀوڳ جو بہ رستو هو. جڏهن ”آزاد’’ اخبار نڪتي تہ ٻوڏ سبب اخبار جو ايڊيٽر مولوي عبدالڪريم چشتي وقت سر پهچي نہ سگهيو. پهرين پرچي جو ايڊيٽوريل وغيره مونکي لکڻو پيو، جيتوڻيڪ مان مئنيجر هوس ۽ قيمت ڇڳاڻي جنرل مئنيجر ٻہ ٻيا ساٿي ڪم ڪندڙ سب ايڊيٽر هئا: گوبند ڀاٽيا (جو هن وقت ڪلياڻ، بمبئي ۾ وڪيل آهي) ۽ ٻيو مولائي شيدائي، هو ٻئي صاحب روزاني اخبار ۾ بلڪل نوان هئا. جڏهن قيمت ڇڳاڻيءَ اخبار جي مالڪ خانبهادر الله بخش سان غداري ڪري پريس ۾ اندر پير الاهي بخش ۽ خانبهادر کهڙي وغيره سان منصوبو پئي سٽيو تہ ڪيئن خانبهادر الله بخش کي عهدي تان موقوف ڪرائجي يا اسيمبليءَ ۾ کيس شڪست ڏجي تڏهن مون پنهنجو فرض سمجهي وڃي خانبهادر الله بخش کي سموري تحقيقات ڏني، مگر هو هڪ ڪمزور انسان هو، سو انجام ڪري بہ تہ توکي انصاف پلئہ وجهندس، تنهن تان ڦري ويو ۽ قيمت جي هٿن ۾ منهنجي قسمت وڌائين تہ مان استعيفا ڏئي ويس، خانبهادر جي پئسي سان برپا ٿيل اخبار جا نمڪ کائيندڙ ملازم ئي هن جي ٽنگن کي پٺيان ڇڪي کيس ڪيرائڻ ۾ فخر سان پارٽ ادا ڪندا رهيا،  ۽ اهڙيون حرڪتون هنن کي ڦٻي ويون. مان جڏهن 1943 ع ۾ ڪشمير ويندي لاهور ويو هوس تہ “پرتاب’’ اخبار جو هڪ ملازم اوم پرڪاش ٽنڊي جو منهنجو دوست هو، سو  مون کي مشهور ليکڪ، ڪهاڻي نويس، شاعر ۽ اخبار نويس نانڪ چند “ناز’’ وٽ وٺي ويو. ياد رهي تہ نانڪ چند “ناز’’ اول’’ پرتاب’’ اخبار جو ايڊيٽر هو. اتان ڪنهن ڪارڻ استعيفا ڏئي وڃي روزاني “ميلاپ’’ جو ايڊيٽر ٿيو، ۽ رڻيبر سان گڏ ڪهاڻيون لکندو هو. وري اتان “وير ڀارت’’ ۾ وڃي ايڊيٽر ٿيو، پر ان ۾ بہ گهڻو وقت ڪونه رهيو، ۽ ان اخبار جي مينيجرپنڊت درگا پرساد شرما سان گڏجي نئين اڙدو روزاني اخبار “پرڀات’’ ڪڍي هئائين. منهنجي ساڻس پهرين ملاقات “پرڀات’’جي آفيس ۾ ٿي. هن مون کان جيڪو پهريون سوال پڇيو هو، سو هو خانبهادر الله بخش جي باري ۾. مون کيس چيو تہ هو تہ بي دپو انسان  آهي ۽ اها بي ڊپائي هن جي جان وڃائي ڇڏيندي. مان لاهور مان ڄمون ويس ۽ هڪ رات رهڻ بعد سرينگر ويس. مان ميرا قدل (پهرين پل) وٽ هائوس بوٽ ۾ وڃي لٿس. جيئن ئي ڪچن ۾ ماني کائڻ لاِءِ گهڙيس ته فقط ٻہ ياتري ويٺل ڏٺم، جي گورا هئا. ان وقت ريڊيو تان انگريزيءَ ۾ خبر ملي تہ اڄ شام جو شڪارپور- سکر روڊ تي ٽانگي ۾ ويندي خانبهادر الله بخش ڪنهن قاتل جي گوليءَ جو شڪار ٿي قتل ٿي ويو. مان حيران تہ ڪونہ ٿيس پر ڍپ ٿيم تہ متان نانڪ چند پنهنجي اخبار ۾ منهنجي ظاهر ڪيل شڪ کي خبر جي صورت ۾ ڇپي.
منهنجي آزاد خيالن سبب ڪيترائي منهنجا دوست بہ مون مان ناراض هوندا هئا. ڪانگريس جي ميمبر هوندي بہ  مان خود ضرورت وقت ڪانگريسين يا ڪانگريس جي پاليسيءَ تي ٽيڪا ڪندو هوس، تنهنڪري مان هنن لاءِ اختلافي ماڻهو سمجهيو ويندو هوس. ڊاڪٽر چوئٿرام ۽ جيرامداس دولترام بہ مون کي پسند ڪونہ ڪندا هئا. ٻيو ڪارڻ اهو بہ هو تہ مان سوامي گووندانند جي ڌڙي جو هوس، ۽ جڏهن سنه 1937ع جي اسيمبليءَ جي چونڊن لاءِ ڪانگريس ڪراچي تڪ لاءِ سوامي گووندانند جي بجاءِ رستم خورشيد سڌوا کي ٽڪيٽ ڏني وئي تہ سوامي گوندانند کي اهڙو تہ صدمون پهتو هو جو هن کي دماغ جو اڌ رنگ ٿي پيو
جڏهن هن جي حالت ڪجهہ سڌري هئي، تڌهن مان کيس پنهنجي خرچ تي حيدرآباد، ٽنڊي آدم، شهدادپور، نوابشاه، سکر، روهڙي، پني عاقل، گهوٽڪي، شڪارپور، سلطان ڪوٽ، ميان جي ڳوٺ ۽ جيڪب آباد وٺي وڃڻ بعد ميرپورخاص، ٽنڊي محمد خان، ٽنڊي ڄام ۽ بدين بہ وٺي ويو هوس. خود سوامي گووندانند بہ هڪ قابل ليکڪ هو. هن جا بہ سنڌيءَ ۾ ڪي ڪتاب (دستخط) لکيل آهن: جي مائي پاروتي آڏواڻيءَ وٽ هئا. پتو ناهي تہ انهن جو ڇا ٿيو. سنڌ ۾ ڪو وقت هو، جو ٻہ فصيح زبان شخص مڃيا ويندا هئا، اڄ تہ پرنسپال اجواڻيءَ کي اهميت ملي رهي آهي. پر ان وقت هڪڙو ساڌو واسواڻي هو ۽ ٻيو سوامي گووندانند. سوامي گووندانند جي سنڌي ۾ “ڪيسري” هفتيوار اخبار ۽ انگريزيءَ ۾ “وائيس آف انڊيا’’ هفتيوار اخبارون مشهور هيون.
شڪارپور ۾ پروفيسر ڦيرواڻي تہ مشهور ليکڪ هو. پر گهٽ سندس ننڍو ڀاءُ ڊاڪٽر ليلارام ڦيرواڻي بہ ڪونہ هو. هن جو ناٽڪ “هڪڙي رات’’ ڪافي پسند پيو هو.

Good Wishes