ممتاز پٺاڻ

(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

  سنڌ سڀا - سنڌ جي پهرين سماجي ۽ نيم سياسي تنظيم“

 
 Mumtaz 11zon
 
سنڌ ۾ سياست جي شروعات 1882 ۾ ”سنڌ سڀا" جي قيام سان شروع ٿي. هيءَ سڀا سنڌ جي تڏهوڪي مها ڏاهي ڏيارام گدومل جي ڪوششن سان قائم ٿي هئي. "سنڌ  سڀا" پنهنجي دور جي هڪ مقبول جماعت هئي. ھندو, مسلمان, پارسي ۽ ڪرستان انھيءَ جا ميمبر هوندا هئا. ان زماني ۾ سرڪاري ملازمن کي سياست ۾ حصي وٺڻ کان ڪا بہ منع ٿيل نہ هوندي هئي. ان ڪري ڪيترا سرڪاري عملدار بہ "سنڌ سڀا" جا ميمبر  هوندا هئا. "سنڌ سڀا" جو پهريون صدر سيٺ آتمارام پريتمداس ڀوڄواڻي ٿيو. هو جڏهن 1 آگسٽ 1885 تي لاڏاڻو ڪري ويو تہ ڏيارام ڄيٺمل سڀا جو, پنهنجي لاڏاڻي  1 آگسٽ 1887 تائين صدر ٿيو. "سنڌ سڀا" جو مرڪزي دفتر تہ ڪراچيءَ ۾ ھئو, پر ان جا ميمبر حيدرآباد, سکر, شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي جا سياسي ۽ سماجي سوچ رکندڙ ڪيترا ماڻھون هوندا هئا. سڀا جي ڪن خاص ۽ سرگرم ميمبرن مان هي نالا اهم آھن:
       ڏيارام گدومل, حسن علي آفندي, اڌارام مولچند, دولترام ڄيٺمل, هيرانند شوقيرام, فتح علي  ڀائي, هيرانند مسند, ساڌو هيرانند
     انھيءَ زماني ۾ اهو دستور هوندو هو تہ سرڪار ڪو قانوني سڌارو آڻڻ گهرندي هئي تہ اهڙو مسودو ”سرڪاري گزيٽ“ ۾ شايع ڪري عوامي رايا ۽ ويچار وٺندي هئي. اهڙيءَ ريت ڪنهن مسئلي تي جيڪڏهن ڪا "ڪميشن" ويهاريندي هئي تہ ان بابت بہ ساڳيءَ ريت پڌرائي ڪندي هئي. پوءِ تنظيمون انھيءَ مسئلي تي سپاسناما ٺاهي يا گذارش ناما لکي, سرڪار کي پنهنجا رايا ۽ ويچار موڪلي ڏينديون هيون. 1883 ۾ سرڪار "لوڪل سيلف گورنمينٽ" ۾ سڌارا آڻڻ لاءِ ۽ 1884 ۾ تعليمي سڌارن آڻڻ لاءِ ڪميشن ويهاري. "سنڌ سڀا" انھن ٻنھي موقعن تي ٻوڙو ٻڌي ويچار ڪيو ۽ سرڪار کي صلاحون ڏنيون. "سنڌ سڀا" تعليمي ڪميشن" اڳيان سنڌ ۾ ڪاليج کولڻ جي گهر رکي.
     "سنڌ سڀا" طرفان "سنڌ ٽائيمس" ۽ "سنڌ سڌار" اخبارون نڪرنديون هيون. "سنڌ سڌار" سنڌ جي تعليم کاتي جي اخبار هئي, جيڪا سرڪار "سنڌ سڀا" جي حوالي ڪئي هئي. "سنڌ سڀا" انھن اخبارن ذريعي ٿيندڙ مڪاني چونڊن ۾ لائق ماڻھون چونڊڻ ۽ سنڌ ۾ ڪاليج کولڻ واريءَ ضرورت تي گهڻو لکيو. نتيجي ۾ ٻئي مقصد ماڻي ورتائين. اڳتي هلي سنڌ ۾ ڪاليج بہ کليو ۽ ڪراچيءَ خواھہ حيدرآباد ميونسپالٽين ۾ سڀا جي پسند جا ماڻھون چونڊجي آيا.
    اهي چونڊون 1 نومبر 1884 تي ٿيون هيون. ڪراچي ميونسپالٽيءَ ۾ ايڪس آفيشو ۽ ٿاڦيل ميمبرن کان علاوھہ جيڪي ميمبر چونڊجي آيا, اهي هئا: آتمارام پريتمداس, چاننڊومل خوشحالداس, اڌارام مولچند, ڏيارام ڄيٺمل, گنگارام چانڊومل, ڏوسا ڪلياڻ جي, رامداس مرار جي, صالح محمد عمر ڏوسل, عبدالعلي حسن علي, جعفر فدو, حسن علي محمد احسن, محمود ميان, پيسٽنجي بهرام جي ۽ جي.اي. سلوبسٽر.
       حيدرآباد ميونسپالٽيءَ تي جيڪي چونڊجي آيا, اهي هئا: سيٺ اڌنداس, سيٺ کيمچند, سيٺ گنگارام, سيٺ جشنمل, ڀائي پيسومل, سيٺ حاجي وريل, آغا غلام نبي شاه, مرزا محمد رحيم بيگ, محمد جعفر, امام بخش, سيٺ پريتمداس, سيٺ هريسنگ ۽ اميد علي.
     "سنڌ سڀا" جي باقي ڪارڪردگيءَ تي نظر وجهبي تہ پتو پئي ٿو تہ:
17.1.1887 تي ممبئيءَ جو گورنر لارڊ ري ڪراچيءَ آيو ۽ "سنڌ آرٽس ڪاليج" جو افتتاح ڪيائين. "سنڌ سڀا" انھيءَ موقعي تي کيس سپاسنامو پيش ڪيو. 
11.12.1887 تي هندستان جو وائسراءِ لارڊ ڊفرن ڪراچيءَ آيو تہ ان کي "سنڌ سڀا" سپاسنامو پيش ڪيو.
14.4.1889 تي ممبئيءَ جو گورنر ٻيو دفعو ڪراچي آيو تہ کيس "سنڌ سڀا" سپاسنامو پيش ڪيو.
1.12.1894 تي ممبئي جو گورنر ڪراچيءَ آيو تہ "سنڌ سڀا" کيس سپاسنامو پيش ڪيو.
18.11.1895 تي ممبئيءَ جو گورنر لارڊ سئنڊ ھرٽ ڪراچيءَ آيو ۽ "سنڌ سڀا" کيس سپاسنامو پيش ڪيو.

Good Wishes