FB IMG 1588222958735
ممتاز پٺاڻ

(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

  ”سنڌ نيچرل ھسٽري سوسائٽيءَ بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد
 
انگريزن جي دور ۾ علمي، ادبي ۽ تحقيقي نوعيت جون تمام گھڻيون سوسائٽيون قائم ٿيون، جن منجهان “ رابندر ناٿ ٽئگور لٽرري ائنڊ ڊراماٽڪ سوسائٽي“، “سنڌ نيچرل ھسٽري سوسائٽي“ ۽ “سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي “ وڏو نالو ڪمايو ۽ وڏو ڪم ڪيو. انهن منجهان “ رابندر ناٿ ٽئگور لٽرري ائنڊ ڊراماٽڪ سوسائٽي تي تمام گھڻو تفصيل سان منهنجي والد صاحب لکيو آھي جيڪو اسان جي ويب سائيٽ تي موجود آھي. “سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي“ تي جيئن موقعو مليو تہ آئون تفصيل سان لکندس. اڄ مان “ سنڌ نيچرل ھسٽري سوسائٽيءَ “ بابت ڪي ڳالھيون پڙھندڙ دوستن سان ونڊڻ چاھيان ٿو.
     ھن سوسائٽيءَ جو بنياد 31 مئي 1927 تي وڌو ويو ۽ ان جي پھرين گڏجاڻيءَ ۾ 38 ڄڻا سوسائٽي جا ميمبر ٿيا. پوء 10 آگسٽ 1927 تي جنرل باڊيءَ جي گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ ھن ريت عھديدار چونڊيا ويا:
صدر: ھڊسن ( سنڌ جو ڪمشنر)،
نائب صدر: روپ چند ٻيلارام ( ايڊيشنل جوڊيشل ڪمشنر، 
نائب صدر: ھيريسن ( لائڊ بئراج جو چيف انجنيئر)،
اعزازي سيڪريٽري: اي .اي. ايل فلائن.
اعزازي سيڪريٽري: سي. چيٽرجي.
   ھن سوسائٽي جا جيڪي مشھور ۽ نالي وارا ميمبر رھيا اھي آھن: سھراب ڪيٽرڪ، ھاساسنگ آڏواڻي، درگداس آڏواڻي، اين. ايم. بليموريا، خان بھادر اي. ايڇ. ماما، عبدالرحمان بار ايٽ لا، عالم ٽي گدواڻي، مانٽيگو ويب، ڪي بي نسروانجي مھتا، ٽي ايڇ دستور، ٽي ڪي جيسواڻي وغيره. ھيءَ سوسائٽي سالن جا سال ھلي ۽ ان جا عھديدار بدلبا رھيا مگر ميمبرن جو اضافو ٿيندو رھيو. سمورن عھديدارن ۽ ميمبرن جي نالن جو وچور گل حيات ۾ موجود آھي ۽ انهن کي ھتي ورجائڻ ۽ ٻيھر لکڻ سان ٻيون اھم ڳالھيون ڪري نہ سگهبيون. 
   هن سوسائٽيءَ سيپٽمبر 1929 کان وٺي پنهنجو ٽماھي رسالو، “دي جنرل آف دي سنڌ نيچرل ھسٽري“ جي نالي سان ڪڍيو، جيڪو اڪثر ڪري ڪراچي جي“ دي ڊيلي گزيٽ پريس “ ۾ ڇپبو ھيو ۽ لڳ ڀڳ 50 صفحن جو ھوندو ھيو .ھن ۾ مضمون اڪثر ڪري غير سنڌين جا ئي ڇپبا ھيا پر انهن جو موضوع سنڌ جي نيچرل ھسٽري ھوندو ھيو. ڪن ھندو ليکڪن بہ ھن رسالي لاءِ لکيو. رسالي جي خاص ليکڪن منجهان ڪجه نالا ھن ريت ٿين ٿا: بليموريا، ڊاڪٽر ايم جي پنواڻي، سي آر راءِ، پي. جي. روجريس، ايس. اي . اسٽرپ، منوھرداس ڪوڙومل، ٽي آر تلياڻي، چٽرجي، ٽي ايس پائيپ وغيره. ھن رسالي ۾ سنڌ جي پکي پکڻن انهن جي عمرين ۽ عادتن، انهن جي نفسيات، سنڌ جي گلن ٻوٽن، سنڌ ۽ ھند ۾ شڪار، سنڌ جي آبي جيوت، سنڌ جي نانگن ۽ جيتن، سنڌ جي جهنگلن، سنڌو ندي جي چاڙھ ۽ لاھ جي تاريخ ۽ خصوصيتن ۽ کوڙ سارن انيڪ لاڳاپيل موضوعن تي مواد ڏنو ويو آھي. اسان کي خبر آھي روس ۽ ان جي ڀر پاسي کان کوڙ سارا پکي خاص موسمن ۾ سنڌ لڏي ايندا آھن . پر ھن رسالي ۾ اھو بہ ڄاڻايل آھي تہ اھي ڪھڙا پکي آھن جيڪي سنڌ مان لڏي ٻين ملڪن ڏانهن وڃن ٿا. ھن سوسائٽي جي سنڌ ۾ پکين ۽ جانورن جي شڪار تي خاص نظر ھوندي ھئي. ان ڪري اڪثر ڪري مختلف پرچن ۾ سنڌ ۾ ٿيندڙ شڪار جا انگ اکر ڏنا ويندا ھئا. مثال طور سيپٽمبر 1934 جي رسالي ۾ سنڌ ۾ ٿيل شڪار جي 18 سالن جا تفصيل ڏنا ويا آھن ۽ ٻڌايو ويو آھي تہ 1907 کان وٺي 1932 تائين سکر،ٿرپارڪر،جيڪب آباد،نواب شاھ ۽ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ 17285 پکين جو شڪار ڪيو ويو. مطلب 18 سالن ۾ 17000 پکي ماريا ويا ۽ اھي جھڙوڪ ھڪ سال ۾ ھڪ ھزار پکي ماريا ويا. 
“سنڌ  نيچرل ھسٽري  سوسائٽي“ جو احوال،گڏجاڻين جا تفصيل ۽ انھي طرفان ڪڍيل رسالي جا پرچا گل حيات ۾ موجود آھن ۽ اسان کي سنڌ ۽ سنڌ جي تاريخ جي عشق جيڪو ڪجه ڪم ڪرايو آھي ۽ اسان ان بابت جيڪا ميڙي چونڊي ڪئي آھي، اھو سڀ ڪجھ آئون دوستن سان ونڊيندو رھان ٿو ۽ ونڊيندو رھندس

Good Wishes