20190928 135535
ممتاز پٺاڻ

(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

  ” احسان دانش جي مونوگراف - ڊاڪٽر بشير احمد شاد جون علمي ۽ ادبي خدمتون - جو تعارف
 
      سنڌ ۾ ڪجه اهڙا گهراڻا آھن، جن  جي هڪ کان وڌيڪ نسلن سنڌي ٻوليءَ جي جهولي ڀري آھي ۽ علم ادب جي آبياري ڪئي آھي. لاڙڪاڻي ضلعي ۾ “ جعفري“  خاندان، رتيديري جي قاضي عبدالحي “ قائل“ جو خاندان ۽ ڊاڪٽر بشير احمد شاد جو خاندان انهيءَ حوالي سان مثال طور پيش ڪري سگهجي ٿو.
           ڊاڪٽر بشير احمد شاد اهو هڪ بختور والد آھي، جنهن جا پٽ ساڳئي  جذبي ۽ محبت سان سنڌي نثر خواه نظم ۾ پنهنجو نالو ڪمائي رهيا آھن. جيئن سندن والد ڊاڪٽر شاد صاحب کي پنهنجي اولاد تي فخر هوندو، تيئن سندس اولاد کي بہ هن ڳاله تي فخر هوندو تہ هو موجوده دور جي هڪ وڏي عالم، محقق ۽ شاعر جو اولاد آھن. هيءَ ڳالھہ نوٽ ڪرڻ جهڙي آھي تہ ڊاڪٽر شاد صاحب انهن چند دانشورن مان هڪ آھي، جنهن جي زندگيءَ ۾ مٿس ايم.فل ڪئي پئي وڃي. اها خبر مون کي تڏھن پئي جڏھن شاه لطيف يونيورسٽيءَ مان  ايم. فل ڪندڙ شاگرد  پروفيسر ڊاڪٽر خادم مهر سان گڏ  گل حيات ۾ بابا سان ملڻ آيا ۽ مون کي سندن آڌرڀاءُ ڪرڻ جو موقعو مليو.
      احسان دانش پنهنجي والد وانگي ڪنهن ڊگري وٺڻ کان اڳ ئي علمي ۽ ادبي دنيا ۾ پنهنجو نالو ڪمايو. هو هڪ ئي وقت تي سنڌي خواه اردو ٻولين تي دسترس رکي ٿو. هو هڪ ناميارو ڪهاڻيڪار ۽ شاعر آھي. سال کن اڳ ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهئي جي نگرانيءَ ۾ سنڌيءَ ۾ شاه لطيف تي پي ايڇ. ڊي ڪئي آھي.
       ڊاڪٽر احسان دانش 1998 ۾ شاه لطيف يونيورسٽيءَ مان سنڌيءَ ۾ ايم.اي ڪئي. انهن ڏھاڙن ۾ مرحوم پروفيسر ملڪ نديم سنڌي شعبي جو چيئرمن هوندو هو. احسان دانش سندس نگرانيءَ ۾ پنهنجي والد ڊاڪٽر بشير احمد شاد جي علمي ۽ ادبي خدمتن تي مونوگراف لکيو .
    احسان دانش جو هي مونوگراف مقدار جي حساب سان 180“صفحن کان مٿي ۽ معيار جي حساب سان ايم.فل جهڙو آھي. هي مونو گراف ٻن ڀاڱن ۾ ورهايل آھي. 
     پهريون ڀاڱو وري ٽن بابن ۾ ورهايل آھي. باب پهرين ۾ ڊاڪٽر شاد صاحب جي سوانح ڏني وئي آھي. باب ٻئي ۾ معاصرين جي نظر ۾ سندس سخصيت جو بهتري چٽ چٽيو ويو آھي ۽ مثال ڏئي ثابت ڪيو ويو آھي تہ ڊاڪٽر شاد صاحب پنهنجي دوستن، عزيزن ۽ استادن جي نظر ۾ هڪ مثالي انسان طور مڃتا وٺي چڪو آھي.
    مونوگراف جو ڀاڱو ٻيو وري ٽن بابن ۾ ورهايل آھي. پهرين باب ۾ ٻڌايو ويو آھي تہ هن هڪ استاد جي حيثيت ۾ ڪهڙيون خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ ڪهڙا شاگرد پيدا ڪيا، جن اڳتي هلي زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ پاڻ مڃرايو. ياد رهي تہ لاڙڪاڻي جا مشھور اديب ۽ شاعر جهڙوڪ انيس گل عباسي، سڪندر عباسي، محمد ھاشم حامي ۽ جهانگير عباسي سندن شاگرد رهيا آھن.
      ڊاڪٽر بشير احمد شاد صاحب جو وڏي کان وڏو ڪارنامو هي آھي تہ هن پنهنجي مڙسيءَ ۽ محنت سان “ سچل ادبي مرڪز “  ٺاهيو، جيڪو سالن کان وٺي لاڙڪاڻي ۾ ادب جي لاٽ ٻاريندو اچي ٿو. ڊاڪٽر صاحب اهڙيءَ ريت سالن جا سال “ لاڙڪاڻہ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ“ جو سيڪريٽري بہ رهيو ۽ سندس ايامڪاريءَ ۾ ھسٽاريڪل سوسائٽيءَ ڪتاب ڇپرايا. مونوگراف ۾ انهن ۽ ٻين تنظيمي خدمتن جو احوال ڏنو ويو آھي.
       مونوگراف جي ٻئي باب جي ٽئين باب ۾ ڊاڪٽر شاد صاحب جي قلمي ڪاوشن تي روشني وڌي وئي آھي. هن باب ۾ سندن لکيل سمورن ڪتابن جو تعارف ۽ احوال ڏنو ويو آھي.
     مقالي جي آخر ۾ ڊاڪٽر شاد صاحب جي شايع ٿيل مقالن، مضمونن، ڪالمن، ڪهاڻين ۽ شاعريءَ جو وچور ڏنو ويو آھي.
       ڊاڪٽر احسان دانش جو هي مونوگراف سندس قابليت جي ڪهاڻي بہ آھي تہ سندس والد جو بهترين تعارف بہ آھي. هي مونوگراف گل حيات جي گنج ۾ موجود آھي.

Good Wishes