ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ
“ رمضان شريف جا ٿورا لاهي نہ سگهبا تہ ڳائبا ضرور.“
زندگئ ۾ 60 کان وڌيڪ رمضان جي مهينن جي سانڀر آهي. هن ڀلاري مهيني سان زندگئ جا اهم واقعا وابستہ آھن. انهن مان ڪي واقعا ياد ايندا آھن تہ دل چوندي آھي تہ ٻيو ڪم ڇڏي ويهي هن مهيني جا ٿورا ڳايان. اڄ وڏي رات آھي، سڀاڻي ستاويهون روزو ٿيندو. هن ڀلارئ رات جي مان الله جي عبادت نہ ٿو ڪري سگهان تہ ڀلا رمضان مهيني جي احسانن مان هڪ ٿورو تہ ٻڌائي سگهان ٿو.
مان ملان يا ڪٽر مذهبي ناهيان. “لڪم دينڪم ولى دين “ جي حڪمت عملئ تي زندگي گذاريندو رهيو آھيان. پنهنجئ تلاش، سڪون جي تلاش ۽ ڌڻئ جي تلاش ۾ يقين نہ ڪرڻ جهڙيون عبادتون ۽ رضاتيون ڪيم، جهنگن ۾ چلا ڪڍيم ۽ مسجدن ۾ سجدن مٿان سجدا ڪيم. مون خدا ۽ انسان کي راضي رکڻ جي ڪوشش ڪئي. خدا جي تہ خبر ناهي، پر انسان بابت اها خبر آھي تہ انسان کي راضي رکڻ جي هر ڪوشش ناڪام وئي. ان ڪري زندگي گذارڻ جو اهو طريقو اختيار ڪيم تہ يڪ طرفا رشتا رکان ۽ يڪ طرفان ناتا نڀايان. ماڻھون ٻہ ٽي مهينا لاڪ ڊائون ۾ ويٺا آھن تہ پريشان ٿي چڪا آھن. پر ڪير اعتبار ڪندو تہ مون 50 سالن کان لاڪ ڊائون جهڙين حالتن ۾ گذاريو آھي. تارڪ الدنيا ناهيان، پر زندگي ڪنڊ وٺي گذاري اٿم. گوڏا ڀڃي تحقيق ۽ تاريخ کي وقت ڏنو اٿم ۽ ماڻهن کان پري رهيو آهيان. ڇو تہ اتان قرب گهٽ، مگر تڪليفون زياده مليون آھن. اڪثر ماڻھو ڇو ناراض ھوندا آھن؟ اها مون کي خبر ناهي. پنهنجيون غلطيون خطائون تہ آھن، پر اهي ايتريون ناهن جو لاهي پاهي مون سان دشمنيون ۽ نفرتون ڪيون وڃن. دشمنين ۽ نفرتن جو هڪ واقعو رمضان شريف سان واسطو رکي ٿو.
ڏھ پندره سال اڳ جي ڳالھ آهي. ڪن ماڻھن کي شوق ٿيو تہ ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ کي مارائجي. هڪ همراه بدنام ڌاڙيل چني کي ڪڪڙ جو تحفو ڏئي کيس مون کي اغوا ڪرائڻ جو تاڪيد ڪيو. ڌاڙيل جاچ پڙتال ڪرڻ کان پوء مون ڏي هڪ رات جو آيو ۽ سڄي ماجرا بيان ڪيائين. چيائين تہ “انهئ ماڻھوء کي فيصلي ۾ ڇڪراء، مان هن تي شاهدي ڏيندس. پر، مون مٺي بہ ماٺ تہ مٺي بہ ماٺ ڪري، ڪجھ نہ ڪيم.
ٻيو همراه انهئ ڏينهن ھڪ ڌاڙيل کي مون وٽ وٺي آيو، جنهن شام جو رمضان شريف جو چنڊ نظر آيو. اهو ڌاڙيل بيدي لاشارئ جو هو. مون کي چيو ويو تہ “ هي مهمان رات اوهان سان گل حيات ۾ گذاريندو ۽ صبح ھليو ويندو.“ ڳوٺ ۾ اوطاقون بہ هيون ۽ ٻئي هنڌ ھمراه کي رهائي بہ سگهجي پيو. پر هن کي مون وٽ رهائڻ جو جيڪو سبب هو، ان تي مون کي بہ شڪ پيو. همراه رات جو مون وٽ رهيو. هن منهنجي رات جي معمولات جو غور سان مشاهدو ڪيو. سحرئ جو وقت ٿيو تہ هن مون کي ڏٺو تہ مون لپ پسيل چڻن جي، چار ڪتلن ۽ هڪ بوائل ٿيل آني کائڻ سان روزو رکيو. چانه هن کي بہ پياريم ۽ مون بہ پيتي. پڇيائين تہ “ بس سحري ايئن ڪندين“؟ چيو مانس تہ سڄو رمضان اڪثر ڪري سحري ۽ افطاري ايئن ٿيندي. هو ٿورو منجهي پيو. سحرئ کان پوء معمول مطابق مان ستس ڪونہ پر ڪم ڪندو رهيس. ڌاڙيل خان صبح سان هليو ويو مگر سندس پريشاني محسوس ٿئي پئي. هو وري هڪ ڏينهن افطارئ وقت آيو. هن ڏٺو تہ مون لپ ڇولن جي ۽ کجور ۽ آني سان افطاري ڪئي ۽ گهران ماني ڪانہ آئي. هن رات رهڻ جي گذارش ڪئي. هو رات رهيو، جاڳندو رهيو ۽ سحري ڪرڻ وقت ڳالهائڻ شروع ڪيائين. ٻڌايائين تہ “مان رهزن ڌاڙيل آھيان. مون کي ڏوڪڙ بہ ڏنا ويا هئا تہ توکي ماريان. پر، مون هتي رنگ ئي ڪجه اور ڏٺو. اوهان مون کي معاف ڪريو.“ مان خاموشئ سانهن ڏي ڏسندو رهيس ۽ دل ۾ چيم تہ اهو رمضان شريف ايڇپو ڪيو آھي. رمضان جو ٿورو لاهي نہ سگهيس تہ ڳائيندس ضرور. سو اڄ 27 رمضان آھي ۽ مون رمضان شريف جي ٿوري ڳائڻ لاء هئ ڳالھ لکي.

Good Wishes