“ شھر خموشان ۾ موت جي اکين ۾ ڏک ۽ خوشئ جا لڙڪ“
اڄ آڌئ رات جو بابا ۽ امان جي بٺين تي قول خواني ڪري دعا گهري قبرستان ڇڏڻ وقت وري هڪ دفعو قبرستان ڏي ڏٺم. سانت ۽ خاموشئ ۽ ڇپ لڳي پئي هئي. مون کي ڇپ ۽ خاموش رهندڙ دوست ياد اچي ويا. اهي يار چپ رهي خاموشي اختيار ڪري پنهنجي گهمنڊ، ضد ۽ اانا جي روح کي تسڪين ڏيندا آھن . پر کين ڪهڙي خبر هنن جون دليون بہ ويران قبرستان برابر آھن، جتي چپ ۽ خاموشئ جو راڄ آھي. جڏھن ماڻھپو مري ويندو آھي تہ دل قبرستان بڻجي ويندي آھي ۽ زبان ذھن تي خاموشي ڇانئجي ويندي آھي.
سوچن جي ڇوليون هڻندڙ لهر موٽي وئي تہ منهنجي نظر موت بادشاه تي پئي. لڙڪ پيا وهنس. ماجرا پڇي مانس تہ ان جي جواب ۾ چيائين : “ يار ڪلھ تنهنجون ڳالهيون ٻڌي روئي پيس ۽ اڃان روئاان پيو. چئبو تہ دنيا ۾ محبتون ڏئي نفرتون ڪمائبيون آھن ۽ خدمتون ڪري خواري ڪمائبي آھي؟ “ . دکي موت منجهائي ڇڏيو. سوچيم تہ هن کي سچ اجايو ٻڌايم. خوشي ٿي تہ موت سچ ٻڏي روئي پيو ۽ ماڻھن وانگر سچ ٻڏي وڙھي نہ پيو.
وري ڳالهائڻ شروع ڪيائين .چوڻ لڳو: “تنهنجي ڪلهوڪين ڳالهين جيترو دکي ڪيو، اوترو ، بلڪ ان کان وڌيڪ خوش بہ آھيان. چوندو آھين نہ تہ جڏھن تون (مان) ٻنڌڻن ۾ ھئين تہ تنهجي والد توکي مومنن کي شاهد بڻائي مولا علئ جي نالي ۽ حوالي ڪيو هو؟“ مون هائو ڪئي. ان تي وري چيائين:“ مولا علئ ، امام مولا امام حسين ۽ بيبي زينب سانئڻ جي ولادتن جون تاريخون آيون آھن. توکي ڪجھ سمجھ ۾ اچي ٿو؟“. مون کيس چيو : “ جن جو آھيان اهي ياد ٿا ڏيارن تہ دنيا ڏاڍو دکي ڪيو اٿئي . اسان تنهنجي سار لهڻ ۽ توکي وٺڻ آيا آھيون“. مون ڏٺو تہ موت جي اکين مان لڙڪ تري آيا. هن کلندي چيو تہ : “هي خوشئ جا ڳوڙھا آھن