ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

“ ننڍن ٻارن سان وڏن ماڻھن جو ڳالهيون-مهتاب اڪبر راشدي“


WhatsApp Image 2020 06 06 at 1.58.48 PM“ٻارن سان وڏيون ۽ وڏن جون ڳالهيون- مهتاب اڪبر راشدي ڪير آھي؟“
اڄ مون صبح انهن تصويري بورڊن جي ڳالھ ڪئي، جيڪي مون ٺهرائي گل حيات جي اڱڻ تي رکيا هئا ۽ ٻار انهن تصويرن منجهان ڪنهن نہ ڪنهن تصوير بابت پڇندا هئا ۽ مان انهن جا جواب ڏيندو هئس. اهڙيون تصويرون مون الڳ ڪري رکيون آھن تہ جيئن مان ٻارن سان ٿيل وڏن جون ڳالهيون اوهان سان ونڊي سگهان.
هر ڪنهن تصوير هيٺان نالو لکيل هوندو هو. عورتن جي تصويرن واري بورڊ مان مون کان ٻار مادام مهتاب اڪبر راشدئ جو گهڻو پڇندا هئا. ٻھراڙئ جا ٻار “صاحب يا صاحبياڻئ“ جو مطلب امتحان وٺندڙ عملدار سمجهندا هئا. ڇو تہ هنن ٻيو ڪو صاحب ڏٺو ٻڌو ئي ڪونہ هو.
جڏھن ٻارن پڇيو تہ “هئ مهتاب اڪبر راشدي ڪير آھي؟“ تہ مون کين ٻڌايو تہ“ سنڌالاجئ ۾ منهنجي صاحبياڻي هئي. ڊائريڪٽر هئي“. ٻارن وات ۾ آنڱر وجهي چيو تہ “هن تنهنجو امتحان ورتو هو؟“. مون چيو منهنجي ڊائريڪٽر هئي. کين سمجهايم تہ جيئن اسڪول ۾ هيڊ ماسٽر ٿيندو آھي تيئن وڏن ادارن ۾ ڊائريڪٽر ٿيندا آھن. هنن سان پوء سنڌالاجئ، سنڌي ادبي بورڊ ۽ ٻين ادارن بابت کين سمجھ ۾ اچڻ جهڙي ڳالھ ڪندو هيم.
ٻار پڇندا هئا: “ ڀلا مهتاب اڪبر راشدي ٻيو ڇا ڪندي آھي ۽ هن جي تصوير ڇو هنئي اٿئي؟“
مان کين ٻڌائيندو هئس تہ “ مادام مهتاب اڪبر راشدي هڪ استاد جي گهر ۾ ڄائي. وڏي محنت سان تعليم حاصل ڪري وڏا رتبا ماڻيائين ۽ سنڌ حڪومت ۾ سيڪريٽري بہ ٿي. ريڊيو ۽ ٽي.وي تي نالو ڪمايائين. اميراڻي گهراڻي مان ڪانہ هئي. تعليم ۽ محنت کيس وڏئ منزل تي پهچايو.“ پوء ٻار چوندا هئا تہ “ان جو مطلب هي ٿيو تہ اسان غريبن جا ٻار بہ وڏا عملدار ٿي سگهون ٿا“. “پر تعليم پرائڻ ۽ محنت ڪرڻ سان“، مان کين سمجهائيندو هئس. نوٽ ڪرڻ جي ڳالھ هئ آھي تہ منهنجي ڳوٺ جي غريب خاندانن جي ٻارن محنت ۽ تعليم سان وڏن عهدن ۽ رتبن تي پهتا.
ٻار پڇندا هئا تہ “ مهتاب اڪبر راشدئ بابت وڌيڪ ٻڌاء“. مان کين ٻڌائيندو هئس تہ “ غريب گهراڻي مان اڀري. ان ڪري غريبن جو اونو رکندي آهي. محنت ۽ ڪشالا ڪڍي منزل ماڻيائين. ان ڪري محنتي ۽ لائق ماڻھن جو قدر ڪندي آھي ۽ سندن همت افزائي ڪندي آھي. منهنجي همت افزائي ڪري سنڌالاجئ ۾ مون کي ڊپٽي ڊائريڪٽر بڻايائين.“ پوء ٻار مون کي ڏسندي ۽ هڪ ٻئي ڏسندي دل ۾ ڪجھ سوچي هليا ويندا هئا.

Good Wishes