(تو بن جاني! هيءَ جهان)

 

 

”چونڊن جي ٻئي مرحلي مان ڪهڙيون ڳالهيون چونڊجن؟“

                                      

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

                                      

 

مڪاني ادارن جي چونڊن جو ٻيو مرحلو به پورو ٿيو. نتيجن جي صورتحال اها ٻڌائي ٿي ته پنجاب مان پي پي پيءَ جي ۽ سنڌ مان نوازليگ جي تڏا ويڙهه ٿي رهي آهي. ان جو مطلب هي نڪتو ته هاڻي وفاقي سياست تي صوبائي رنگ چڙهڻ شروع ٿي چڪو آهي ۽ اڳتي هلي ڪنهن به پارٽيءَ کي وفاقي يا قومي اتحاد جي علامت سڏائڻ  ۾ تڪليف ٿيندي. سياسي مفڪر اها ڳالهه مڃيندا ته پاڪستاني سياست جو وفاقي ويس لاهي صوبائي جبو پائڻ ڪو سٺو سنئوڻ ڪونهي. پي ٽي آءِ ، جنهن لاءِ ڪن ماڻهن جو خيال هئو ته اها اقتدار ۾ واري وٽيءَ سان ايندڙ ٻن وڏين پارٽين جو اڳتي هلي نعم البدل ٿيڻ واري آهي، سا ڳالهه پڻ هنن نتيجن مان ثابت نه ٿي ٿئي. هن پارٽيءَ کي به خيبرپختونخواهه ۾ ئي پير کپائڻ جو موقعو ملندو ۽ ان جي اقتداري دور واري ڪارڪردگي سندس مستقبل واري سياست تي اثرانداز ٿيندي.

جيئن هنن چونڊن جا نتيجا ٻڌائين ٿا ته پاڪستان اڳتي هلي ملڪي قيادت جي وڏي بحران جو شڪار ٿيندو، تيئن انهن مان سنڌ جي حوالي سان في الحال اها پيشنگوئي ملي ٿي ته حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ ڪراچيءَ ۾ ايم ڪيو ايم جي سياسي بالادستي رهندي ۽ باقي ضلعن ۽ ٻهراڙين ۾ پيپلزپارٽيءَ جو ساڳيو ئي غلبو رهندو ۽ وقت سان گڏ انهيءَ غبلي ۾ ڪٽوتي ايندي رهندي. بدين جي جي چونڊ نتيجن مان اهو صاف ظاهر آهي، جنهن هنڌ تي مرڪزي اثر رسوخ ۽ ذوالفقار مرزا جي جاکوڙ پيپلزپارٽيءَ جي سياسي سبقت تي اثر وڌا. هن چونڊ مهم ۾ بلاول جو وڃڻ ته سياسي قيادت جي فرض نڀائڻ برابر هئو، پر پيپلزپارٽيءَ کي سياسي حڪمت عمليءَ طور اهو ڪارڊ هلائڻ نه گهربو هو، جنهن به اها حڪمت عملي جوڙي، انهن بلاول جي ڪلهي تي انهيءَ وقت بندوق رکي هلائڻ گهري، جڏهن شڪار نشاني کان گهڻو پري وڃي چڪو هو.

هنن نتيجن مان اسان جي قومپرست، سنڌ دوست ۽ ڪميونسٽ اڳواڻن لاءِ ساڳيو ئي پيغام ملي ٿو ته هو پنهنجي سياسي حڪمت عملين ۽ روين تي نظرثاني ڪن. انهن مان جيڪڏهن ڪو اهو چوي يا مڃي ٿو ته عوام چريو آهي ۽ عوام بي قدرو آهي ته پوءِ انهن تي جيترو به افسوس ۽ ارمان ڪجي، اهو گهٽ آهي. عوام کي گهٽ وڌ اهي ڳالهائيندا آهن، جيڪي زميني حقائق کي نه سمجهندا آهن يا سمجهي قبول نه ڪندا آهن.

قومپرست ۽ سنڌ دوست سياستدانن پنهنجي سياسي حڪمت عملي جو پهريون بنياد ئي اهو انهيءَ ڳالهه تي رکيو ته چونڊن واري سياست بدران ذهن بدلائڻ تي گهڻو زور ڏنو ويندو. پوءِ ان تي نظرثاني ڪري، هاڻي چونڊن واري سياست ڪرڻ شروع ڪئي آهي. چونڊن جي سياست ۾ اسان وٽ پيرن اميرن ۽ خاندانن جو اثر باقي آهي. اهڙي طلسم مان عوامي سوچ ۽ لوچ کي ڪڍڻ ۾ سنڌ دوستن ۽ قومپرستن کي وقت لڳندو. کين اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻي پوندي ته  ڏهن مهينن کان اڳ  ٻار پيدا نه ٿيندو آهي. ان کانسواءِ جيڪڏهن سنڌ دوستن ۽ قومپرستن جا رويا ۽ انداز ئي پيراڻا ۽ وڏيراڻا هوندا ته هو پيرن ۽ وڏيرن جي ڊوهيءَ مان ماڻهن کي ڪيئن ڪڍي سگهندا؟

سنڌ دوستن ۽ قومپرستن جي نظرياتي خزاني تي ڌاڙا هڻڻ لاءِ انهن جي صفن ۾ اهڙا ڏوهي ماڻهو شامل ڪرايا ويا، جن عوام سان آزار ڪيو ۽ جن کان عوام جي عزت ۽ دولت کي ڇيهو رسيو. اهڙن ڏوهي ماڻهن قومپرست پارٽين جي نالي کي بدنام ڪيو. قومپرست انهن سازش کي ٻنجو ڏئي نه سگهيا آهن. اسان جا تعليمي ادارا ۽ ٻيا ڪيترا مرڪز اهڙن ماڻهن جي نرغي ۾ آهن. قومپرست پارٽيون جيڪڏهن بهادريءَ ۽ برجستائيءَ سان انهيءَ ڪينسر جو خاتمو نه ڪنديون ته انهيءَ بيماريءَ کان پاڻ ۽ پنهنجي نظريئي کي بچائي نه سگهنديون.

سنڌ دوست ۽ قومپرست ڌرين کي هاڻي اڳ کان وڌيڪ عوام جي ويجهو وڃڻو پوندو، عوام جي دکن دردن ۾ ان جو ٻانهن ٻيلي ٿيڻو پوندو. عقل ۽ دانائيءَ سان ان جي سوچن ۽ لوچن کي بدلائڻو پوندو ۽ نادري حڪمن هلائڻ بدران يا عوام مٿان حڪم مسلط ڪرڻ بدران کين قرب سان قائل ڪرڻو پوندو. عوام عزت ۽ پيار جو بکيو ٿئي ٿو ۽ اسان جي قومپرستن کي اهو ثابت ڪرڻو پوندو ته اهي ”جيها جي تيها، سي مون مارن مڃيا“ تي دل ۽ دماغ سان عمل ڪن ٿا ۽ جن جي روشن مستقبل جي ڳالهه ڪن ٿا انهن جي جهڙي تهڙي حال ۾ ڪا دک درد ۽ پريشانيءَ جو اضافو نه ٿا ڪن.

 

 

Good Wishes