اڄوڪي ڏينهن 08 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

 

31

جنم ڏينهن:

8 ڊسمبر 1916ع سماج سڌارڪ ڊاڪٽر چمن داس ڇاٻلاڻي (خيرپور / اجمير) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
8 ڊسمبر 1927ع موري سان تعلق رکندڙ شاعر نديم انصاري جو جنم ڏينهن آهي.
8 ڊسمبر 1930ع گلوڪار رامچند راهيجا (شڪارپور/بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي.
8 ڊسمبر 1935ع باليووڊ جي مشهور فلمي اداڪار
ڌرميندر جو جنم ڏينهن آهي.
8 ڊسمبر 1940ع حيدرآباد سان تعلق رکندڙ سگهڙ گل محمد ڪنڀر جي پيدائش ٿي.
8 ڊسمبر 1944ع باليووڊ جي مشهور اداڪاره
شرميلا ٽيگور جو جنم ڏينهن آهي.
8 ڊسمبر 1948ع سيتا ڳوٺ سان تعلق رکندڙ شاعر عبدالله شاهه آزاد جو جنم ڏينهن آهي.
8 ڊسمبر 1948ع شاعر روشن علي مفتون جو جنم ڏينهن آهي.
8 ڊسمبر 1959ع ليکڪا ۽ آرڪيلاجسٽ
مستور فاطمه بخاري جو جنم ڏينهن آهي.
8 ڊسمبر 1954ع شاعر عبدالله شاهه آزاد جي پيدائش ٿي.
8 ڊسمبر 1956ع سگهڙ محمد زمان باجاري جي پيدائش ٿي.
8 ڊسمبر 1957ع لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ سماجي ڪارڪن حميده ستار ڀٽي جو جنم ڏينهن آهي.


وڇوڙو:

8 ڊسمبر 1907ع ٽکڙ سان تعلق رکندڙ بزرگ خواجه عبدالرحمان مجددي جي وفات ٿي.
8 ڊسمبر 1958ع شاعر مينهل فقير مهر (طيب) جي وفات ٿي.
8 ڊسمبر 1968ع سوامي پريمداس ناٿن ديهانت ڪري ويو.
8 ڊسمبر 2008ع ناليوارو ٽي وي اداڪار
يعقوب زڪريا دل جي دوري سبب حيدرآباد ۾ گذاري ويو.
8 ڊسمبر 2014ع برک ڏاهو، ليکڪ، اديب، سياسي اڳواڻ
ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ديهانت ڪري ويو.

Good Wishes