اڄوڪي ڏينهن 04 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

 

31

جنم ڏينهن:

4 آڪٽوبر 1911ع شاعر الهه بچايو وفا جي پيدائش جو ڏينهن آهي.

4 آڪٽوبر 1919ع مشهور شاعر، سياستدان ۽ مخدوم نوح جي گادي نشين مخدوم محمد الزمان طاب المولا (هالا) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.

4 آڪٽوبر 1921ع شاعر شفيع محمد اوج علوي (شڪارپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.

4 آڪٽوبر 1962ع سماجي ورڪر محمد عالم جوکيو جو جنم ڏينهن آهي.

4 آڪٽوبر 1967ع شاعر ۽ ماهوار همرچو جي ايڊيٽر اياز جاني جو جنم ڏينهن آهي.

4 آڪٽوبر 1967ع صحافي مظفر قاضي (لالو رائنڪ) جو جنم ڏينهن آهي.

4 آڪٽوبر 1970ع سياسي ۽ سماجي ورڪر حريف چانڊيو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.

4 آڪٽوبر 1973ع ليکڪ لياقت ميمڻ (ڊکڻ) جو جنم ڏينهن آهي.

4 آڪٽوبر 1975ع صحافي امداد سومرو (جوهي) جو جنم ڏينهن آهي.

4 آڪٽوبر 1978ع باليووڊ اداڪاره سوها علي خان جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

4 آڪٽوبر 1855ع هالا سان تعلق رکندڙ مذهبي اسڪالر آخوند عبد الصمد ثانوي جو لاڏاڻو ٿيو.

4 آڪٽوبر 1948ع سياستدان، اڳوڻي وڏي وزير ۽ سنڌ جي پهرين گورنر سر غلام حسين هدايت الله جي وفات جو ڏينهن آهي.

4 آڪٽوبر 1976ع مذهبي اسڪالر مولانا احمد چارڻ جو انتقال ٿيو.

4 آڪٽوبر 1995ع ناليواري گلوڪار مسعود رانا جو انتقال ٿيو.

Good Wishes