1 جنوري 1931ع

سردار ولڀ ڀائي پٽيل جي صدارت هيٺ ڪراچيءَ ۾ آل انديا ڪانگريس ڪاميٽي جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ نئين ورڪنگ ڪامٽي جوڙي وئي، جون جي اڌ تائين چونڊون مڪمل ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ پارٽي چونڊن جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ تنازعن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪاميٽي جوڙي وئي.

5 جنوري 1931ع

سرڪار طرفان ڪانگريس ۽ ان جي ذيلي شاخن کي غير قانوني قرار ڏيڻ بعد ڪراچيءَ ۾ ساري رات گرفتارين لاءِ ڇاپا هنيا ويا ۽ پارٽي جون سموريون آفيسون سيل ڪيون ويون.

5 جنوري 1931ع

هند سرڪار خاص پڌرنامو ڪڍي ڪانگريس ۽ ان سان واسطو رکندڙ ٻين تنظيمن تي بندش وڌي، سنڌ جيان لاڙڪاڻي ضلعي جي ڪانگريسي اڳواڻن کي پڻ گرفتار ڪيو ويو.

7 جنوري 1931ع

پوليس ڪراچيءَ ۾ سنڌ ڪانگريس ڪاميٽيءَ ۽ ان سان لاڳاپيل سمورين ذيلي شاخن تي ڇاپا هنيان.

7 ۽ 8 جنوري 1931ع

جيڪب آباد ۾ الله بخش سومري جي ڪوششن سان سنڌ جي لوڪل بورڊن جي پريزيڊنٽن ۽ سياستدانن جي ڪانفرنس ٿي.

9 جنوري 1931ع

خانبهادر الله بخش سومري جي ڪوششن سان حاجي عبدالله هارون جي صدارت هيٺ جيڪب آباد ۾ سنڌي مسلمانن جي ڪانفرنس ٿي جنهن ۾ بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل ۽ انڊين ليجسليٽو اسيمبليءَ جي ڪيترن مسلمانن سنڌي ميمبرن، زميندار ۽ عوامي اڳواڻن شرڪت ڪئي، ڪانفرنس جي ڪاروائي ۽ ان ۾ پاس ٿيل ٺهرائن جو متن ”گل حيات“ ۾ موجود آهي، هن ڪانفرنس ۾ لاڙڪاڻي جي اڳواڻن شرڪت ڪئي، جن مان احمد خان ڀٽو، واحد بخش خان ڀٽو جا نالا ذڪر لائق آهن.

11 جنوري 1931ع

رام باغ ڪراچيءَ ۾ ڪانگريسي جلسي تي پوليس لٺيون وهايون، جنهن جي نتيجي ۾ ڏيڍ سئو ماڻهو زخمي ٿيا ۽ انهن مان پنجاهه سخت زخمي ٿيا، پوليس ڇٽيهه ڪانگريسين کي گرفتار ڪيو، جن مان ويهه عورتون هيون.

12 جنوري 1931ع

انڊين رائونڊ ٽيبل ڪانفرنس جي سنڌ بابت سب ڪاميٽي نمبر نائن جي گڏجاڻي ٿي، ارل رسل جي صدارت ۾ 19 ميمبرن شرڪت ڪئي، جن مان چار (سر آغا خان، محمد علي جناح، شاهنواز ڀٽو ۽ غلام حسين هدايت الله) سنڌي هئا،

سب ڪاميٽيءَ جي ٻي گڏجاڻي 13 جنوريءَ تي ۽ ٽي گڏجاڻي 16 جنوري تي ٿي ۽ اها راءِ قائم ڪئي ته سنڌ جي جدائي کي اصولي طور قبول ڪيو وڃي ٿو پر اهو به تجويز ڪجي ٿو ته مالي امور تي غور ويچار ڪرڻ لاءِ هندستان ۾ ماهرن جي گڏجاڻي ٿيڻ گهرجي.

16 جنوري 1931ع

بٺي تعلقي ميروخان جي خلافت ڪاميٽيءَ طرفان مولانا محمد علي ”جوهر“ جي وفات تي هڪ تعزياتي ميڙ ٿيو، جنهن ۾ تقرير ڪندڙن مولانا محمد علي جي سواع ۽ خدمتن تي روشني وڌي ۽ آخر ۾ تعزيتي ٺهراءُ پاس ڪيو ويو.

16 جنوري 1931ع

علي خان قمبر ۾ مولانا مير محمد نورنگي، مولانا عبدالڪريم سيالوي، مولوي محمد سليمان ”واعظ“ ۽ مولوي غلام صديق ۽ ٻين عالمن جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ ”انجمن اصلاح المسلمين“ قمبر جو قيام عمل ۾ آندو ويو، جنهن ۾ مولانا نورنگي کي صدر، مولانا محمد عظيم ”شيدا“ کي نائب صدر، مولوي غلام صديق کي ناظم ۽ حاجي فتح محمد کي نائب ناظم مقرر ڪيو ويو، هن گڏجاڻيءَ ۾ مولانا محمد علي ”جوهر“ جي وفات تي تعزيتي ٺهراءُ پاس ڪيو ويو ۽ اهو تجويز ڪيو ويو ته ڪائونسلر مسلمانن لاءِ ”شيخ الاسلام“ منتخب ڪن.

19 جنوري 1931ع

لنڊن ۾ ”گول ميز ڪانفرنس“ پوري ٿي ،اها 12 نومبر 1930ع کان شروع ٿي هئي، سنڌ مان سرشاهنواز ڀٽي ۽ سر غلام حسين هدايت الله ان ۾ شرڪت ڪئي، هن ڪانفرنس ۾ هندستان کي آئيني سڌارن ڏيڻ واري مسئلي تي غور ويچار ڪيو ويو.

29 کان 31 جنوري 1931ع

الوحيد جي انهن پرچن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي جو سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي واري تحريڪ جي حق ۾ قسطوار مضمون شايع ٿيو، جنهن ۾ هن نه رڳو بمبئي سان سنڌ جي الحاق جا نقصان ٻڌايا پر اهو به تجويز ڪيو ته جڏهن سنڌ بمبئي کان الڳ ٿي وڃي ته پوءِ مسلمانن کي ڇا ڪرڻ گهرجي.

31 جنوري 1931ع

بچارام ليلارام ليڏواڻي سکر ۾ ڄائو، جيڪو اڳتي هلي ادبي دنيا ۾ ”بني رام سنڌو“ جي نالي سان مشهور ٿيو، ورهاڱي کان پوءِ هي صاحب لڏي وڃي بمبئي ۾ ويٺو.

1 فيبروري 1931ع

ڇٽن شاهه، سڪرنڊ ۾ ”سنڌ آزاد پارٽي“ جي شاخ کولي وئي، جنهن ۾ مووي شفيع شاهه کي صدر، مولوي محمد پريل کي سيڪريٽري ۽ ميان محمد حسن کي خزانچي مقرر ڪيوويو.

2 فيبروري 1931ع

شيخ عبدالمجيد جي صدارت هيٺ ڪراچيءَ ۾ عوامي ميڙاڪو ٿيو، جنهن ۾ ”سنڌ آزاد پارٽي“ ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ ان لاءِ حاجي مير محمد بلوچ کي صدر، محمد رمضان صديق کي سيڪريٽري ۽ حاجي علي محمد آخوند کي خزانچي چونڊيو ويو.

6 فيبروري 1931ع

مولوي غلام محمد کي صدارت هيٺ جهمپير ۾ عوامي ميڙاڪو ٿيو، جنهن ۾ ”سنڌ آزاد پارٽي“ ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ ان لاءِ حاجي عبدالغفور قاضي کي صدر، محمد عالم درزي کي سيڪريٽري ۽ غلام محمد جکري کي خزانچي مقرر ڪيو ويو.

7 فيبروري 1931ع

نواب شاهه ۾ سنڌ آزاد پارٽي جي شاخ کولي وي جنهن لاءِ آخوند عبدالواحد کي صدر، رئيس غلام صديق خان کي نائب صدر ۽ عبدالخالق کي خزانچي مقرر ڪيو ويو، ان کان سواءِ ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي پڻ جوڙي وئي، جنهن ۾ محمد عثمان، ميان الله ڏني، آخوند عبدالواحد ۽ عبدالخالق کي ميمبر طور کنيو ويو.

10 فيبروري 1931ع

ڪراچيءَ ۾ سنڌ پراونشل خلافت ڪاميٽي جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ لاڙڪاڻي سميت سنڌ جي خلافتي ليڊرن شرڪت ڪئي، گڏجاڻي ۾ مير محمد بلوچ کي صدر ،مير الله بخش کي نائب صدر، شيخ عبدالمجيد سنڌي کي سيڪريٽري، مولوي محمد عثمان کي خزانچي ۽ مولانا دين محمد وفائي کي جوائنٽ سيڪريٽري چونڊيو ويو، ورڪنگ ڪاميٽيءَ تي لاڙڪاڻي مان قاضي فضل الله کي کنيو ويو، گڏجاڻيءَ ۾ مولانا محمد علي ”جوهر“ ۽ موتي لعل جي وفات تي تعزيتي ٺهراءُ پاس ڪيو ويو، اهو فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ ۾ آل انڊيا خلافت ڪانفرنس سڏائي ويندي، ان کان سواءِ خلافت ڪاميٽيءَ کي فعال بڻايو ويندو، هن گڏجاڻيءَ جو تفصيلي احوال ”گل حيات“ ۾ موجود آهي.

11 فيبروري 1931ع

داد مهيسر ۾ ”سنڌ آزاد پارٽي“ جي شاخ کولي وئي، جنهن ۾ سيد جمن شاهه کي صدر مولوي حاجي عبدالقادر کي نائب صدر، در محمد کي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو ۽ صدر کي گذارش ڪئي وئي ته هو خزانچي جو عهدو به قبول ڪري.

12 فيبروري 1931ع

بٺوري ۾ ”سنڌ آزاد پارٽي“ جي شاخ کولي وئي، جنهن ۾ مولوي محمد يوسف کي صدر، سيٺ محمد عثمان کي سيڪريٽري ۽ سيٺ محمد هاشم کي خزانچي مقرر ڪيو ويو.

12 فيبروري 1931ع

جيڪب آباد ۾ ”سنڌ آزاد پارٽي“ جي شاخ کولي وئي، جنهن لاءِ خلافتي مولوي حاجي رحيم بخش کي صدر، شمس الدين کي سيڪريٽري ۽ عبدالرحمان کي خزانچي مقرر ڪيو ويو.

13 فيبروري 1931ع

چڪ ۾ ”سنڌ آزاد پارٽي“ جي شاخ کولي وئي، جنهن ۾ خانصاحب مير محمد پٺاڻ کي صدر، پير بخش خان کي نائب صدر، ابو شوڪت حمزي کي سيڪريٽري ۽ الله ڏني خان کي خزانچي مقرر ڪيو ويو.

13 فيبروري 1931ع

فقير آباد، ديهه 22 نصرت، ٿرپارڪر ۾ ”سنڌ آزاد پارٽي“ جي شاخ کولي وئي، جنهن ۾ سيد جمال شاهه کي صدر، مولوي محمد موسيٰ کي نائب صدر، سيد قبول محمد کي سيڪريٽري ۽ سيد حسن شاهه کي خزانچي مقرر ڪيو ويو.

15 فيبروري 1931ع

عودي، تعلقي ٺل ۾ سنڌ آزاد پارٽي جي شاخ کولي وئي، جنهن لاءِ عبدالرحمان سرڪيءَ کي صدر ۽ مولوي عبدالڪريم کي خزانچي مقرر ڪيو ويو.

15 فيبروري 1931ع

ڳوٺ مولوي عبدالله لغاري ۾ عوامي ميڙاڪو ٿيو، جنهن ۾ ”سنڌ آزاد پارٽي“ جي شاخ قائم ڪئي وئي ۽ ان لاءِ مولوي محمد حسن لغاري کي صدر، سليمان خان کي سيڪريٽري ۽ غازي خان کي خزانچي چونڊيو ويو.

15 فيبروري 1931ع

شيخ عبدالمجيد سنڌي بمبئي روانو ٿي ويو ۽ انهيءَ ئي ڏينهن تي ”الوحيد“ جي پرچي ۾ سندس خط شايع ٿيو، هن خط ۾ شيخ مرحوم سنڌي مسلمانن کي ”آزاد سنڌ جماعت“ جي شاخن کولڻ لاءِ اپيل ڪئي.

17 فيبروري 1931ع

ڳوٺ سيال نزد دادو ۾ ڳوٺانن جو ميڙاڪو ٿيو،جنهن ۾ سنڌ آزاد پارٽي جي شاخ کولي وئي ۽ ان لاءِ مولوي ميان محمد حسن کي صدر، سرائي ميان محمد حسن کي نائب صدر، مولوي محمد صالح عباسيءَ کي سيڪريٽري ۽ قاضي ميان حاجي احمد کي خزانچي مقرر ڪيو ويو.

18 فيبروري 1931ع

تعلقي هالا جي ڳوٺ ڪرم خان نظاماڻيءَ ۾ ”سنڌ آزاد پارٽي“ جي شاخ کولي وئي جنهن جا باني عهديدار هن ريت چونڊيا ويا. مولوي خير محمد (صدر)، حامد خان (سيڪريٽري) ۽ حسين خان (خزانچي)

19 فيبروري 1931ع

شڪارپور ۾ ”سنڌ آزاد پارٽي“ جي شاخ کولي وئي، جنهن لاءِ حاجي مولابخش سومري کي صدر، مولوي فضل الله حڪيم کي نائب صدر، مولوي عبدالڪريم چشتي کي سيڪريٽري ممتاز کي جوائنٽ سيڪريٽري ۽ خير محمد ”فقير“ کي خزانچي مقرر ڪيو ويو.

19 فيبروري 1931ع

سجاول (ضلعي ٺٽي) ۾ سنڌ آزاد پارٽي جي شاخ کولي وئي، جنهن ۾ سيد پير محمد شاهه کي صدر، مولوي حاجي محمود کي خزانچي ۽ ملان ابوبڪر کي خزانچي مقرر ڪيو ويو.

20 فيبروري 1931ع

حيدرآباد ۾ وڏو عوامي ميڙاڪو ٿيو، جنهن ۾ ”سنڌ آزاد پارٽي“ جي شاخ کولي وئي ۽ ان لاءِ پير غلام مجدد کي صدر ۽ عبدالجبار کي خزانچي مقرر ڪيو ويو.

20 فيبروري 1931ع

تعلقي ڊگري جي ڳوٺ مولوي عبدالحي ۾ ”سنڌ آزاد پارٽي“ جي شاخ کولي وئي، جنهن لاءِ مولوي هاجي عبدالحي کي صدر، الله ڏني ڀُٽي کي سيڪريٽري ۽ خزانچي چونڊيو ويو.

20 فيبروري 1931ع

عيدالفطر جي موقعي تي ماتليءَ ۾ عوامي ميڙاڪو ٿيو، جنهن ۾ ”سنڌ آزاد پارٽي“ ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو، پارٽيءَ جي ماتلي شاخ لاءِ محمد خان نظاماڻي (صدر)، مولوي عطاءُ الله (سيڪريٽري) ۽ حاجي ڪريم بخش (خزانچي) کي عهديدار چونڊيو ويو.

21 فيبروري 1931ع

ڳوٺ الله آباد ڊکڻ، تعلقي دادو ۾ ”سنڌ آزاد پارٽي“ جي شاخ کولي وئي، جنهن ۾ مولوي حاجي عبدالله کي صدر، رئيس عرض محمد کي نائب صدر، ميان غلام النبي کي سيڪريٽري ۽ ملان عبدالحامد کي خزانچي مقرر ڪيو ويو.

20 مارچ 1931ع

نيو هالا ۾ عوامي ميڙاڪو ٿيو، جنهن ۾ ”سنڌ آزاد پارٽي“ ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ ان لاءِ حاجي پير محمد کي صدر، قاضي احمد علي کي سيڪريٽري، ميان محمد جمن کي جوائنٽ سيڪريٽري ۽ ميان حاجي غلام محمد کي خزانچي مقرر ڪيو ويو.

26 مارچ 1931ع

جواهر لعل نهرو جي صدارت هيٺ ڪراچيءَ جي خالق ڏني هال ۾ ”آل انڊيا اسٽوڊنٽس ڪانفرنس“ ٿي، هن ڪانفرنس جي ڪامياب ڪرڻ ۾ تيرٿ سڀاڻي، آئي جي مامتورا، ايڇ پي ميرچنداڻي، ايڇ جي بوٽاڻي، بي ٽي شاهاڻي، آر ايڇ واڌواڻي ۽ وي آءِ جڳتياڻي اهم ڪردار ادا ڪيو.

27 مارچ 1931ع

آل انڊيا ڪانگريس ڪاميٽيءَ جي ڪراچيءَ جي هرچندراءِ نگر ۾ گڏجاڻي ٿي،جنهن جي صدارت جواهر لعل نهرو ئي، هن گڏجاڻي ۾ گذريل گڏجاڻيءَ جي ڪاروائي منظور ڪئي وئي ۽ ان کان سواءِ جنرل سيڪريٽريءَ طرفان پيش ڪيل رپورت جو جائزو ورتو ويو.

27 مارچ 1931ع

ڪراچيءَ ۾ سباش چندر بوس جي صدارت ۾ ”نوجوان ڀارت سڀا ڪانفرنس“ ٿي، جنهن ۾ هندستان جي چوٽيءَ جي ڪانگريسي اڳواڻن شرڪت ڪئي، آڌرڀاءُ ڪاميٽيءَ جي چيئرمين سوامي گووندا ننڊ پنهنجي آجياڻي جي تقرير ۾ چيو ته ڀڳت سنگ کي ڦاسي ملڻ کان پوءِ هندستان جي نوجوانن لاءِ اهو ناممڪن آهي ته سرڪار سان سهڪار ڪن، هن انهيءَ خواهش جو اظهار ڪيو ته هندستان ۾ سوشلزم جو نظام هجڻ گهرجي.

29 مارچ 1931ع

آل انڊيا ڪانگريس جو پنجيتاليهون ساليانو اجلاس ڪراچيءَ ۾ ٿيو.

29 کان 31 مارچ 1931ع

ڪراچيءَ ۾ سردار ولڀ ڀائي پٽيل جي صدارت هيٺ ”انڊين نيشنل ڪانگريس“ جو 45 ساليانو اجلاس ٿيو، هن اجلاس ۾ مهاتما گانڌي، خان عبدالغفار خان ۽ سباش چندر بوس شرڪت ڪئي، لاڙڪاڻي واسي به هن ميڙاڪي ۾ شرڪت ڪندڙن مان هئا.

1 اپريل 1931ع

ڪراچيءَ ۾ ”جمعيت العلماء هند“ جو ساليانو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ چوٽيءَ جي هند سنڌ جي عالمن شرڪت ڪئي.

26 اپريل 1931ع

سکر مان هفتيوارن ”مزدور“ جو اجراءُ ٿيو، ”محموديه پريس“ مان شايع ٿيندر هن اخبار جا حافظ عبدالمجيد ڀٽي ۽ ابوشوڪت حمزو ايڊيٽر ٿي رهيا، اخبار ۾ مزدورن جي حقن جي ترجماني ڪئي ويندي هئي ۽ ان کان علاوه ڪٽرپڻي ۾ ايمان  رکندڙ هندن جي مخالفت به ڪندي هئي، هيءَ اخبار 1932ع ۾ بند ٿي وئي.

15 مئي 1931ع

بدين ۾ ڏکڻ سنڌ جي مشهور ديني عالمن جو ميڙاڪو ٿيو، جنهن ۾ جمعيت العلماٰءِ سنڌ جي شاخ کولي وئي ۽ ان لاءِ مولوي غلام علي کي صدر، مولوي عبدالوهاب کي نائب صدر، مولوي احمد ملاح کي سيڪريٽري ۽ منهاج حاجي عبدالله کي خزانچي مقرر ڪيو ويو، هن ميڙاڪي ۾ شرڪت ڪندڙ ڪن عالمن جانالا هن ريت آهن: مولوي قاضي غلام محمد، حاجي مولوي عطاالله، مولوي تاج محمد، مولوي محمد هاشم، مولوي امام الدين، مولوي عبدالڪريم، حافظ الله ڏنو، مولوي عبدالڪريم، مولوي مير محمد ۽ مولوي عبدالوهاب.

28 مئي 1931ع

مسلم ليگي اڳواڻ مولوي سر محمد يعقوب، مراد آباد مان پير علي محمد شاهه راشديءَ کي خط لکيو ته سنڌ ۾ مسلم ليگ کي منظم ۽ فعال بنائڻ ۾ ڪردار ادا ڪري، پيرعلي محمد شاهه راشدي ان وقت سنڌ محمدن ايسوسئيشن جو سيڪريٽري هو، راشدي 8 جون تي کيس موٽ ڏني ته هو سنڌ ۾ مسلم ليگ کي فعال بنائڻ جي ڪوسش ڪندو پر ان لاءِ ڏانهن ”پراونشل مسلم ليگ“ جي قاعدن قانونن جي ڪاپي ڏياري موڪلي، راشدي کيس اهو به ذهن نشين ڪرايو ته سنڌ ۾ پرخلوص ۽ بي لوث ورڪرن جي ڪمي آهي ان ڪري هن کي ڪم ڪرڻ ۾ ٺاهوڪي دشواري ڏسڻي پوندي.

1 جون 1931ع

ڪراچيءَ ۾ سباش چندر بوسي جي صدارت هيٺ ”سياسي مظلومن جي ڪانفرنس“ ٿي، جنهن ۾ هندستان جي سياسي قيدين جي واهر لاءِ ڪاميٽي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ان کان علواه سياسي قيدين جي همت افزائي ۽ سياسي شهيدن جي وارثن سان همدرديءَ وارا ٺهراءُ پاس ڪيا ويا، پنڊت موتي لعل ۽ مولانا محمد علي جوهر جي وفات تي پڻ ٺهراءُ پاس ڪيا ويا.

5 جون 1931ع

مراد آباد ۾ سنڌ آزاد پارٽي جي شاخ کولي وئي ۽ ان لاءِ مولوي سيد صدر الدين کي صدر 7 مولوي عبدالحليم کي نائب صدر چونڊيو ويو.

28 آگسٽ 1931ع

انيتا ڪمل ڪيولراماڻي ”پياسي“، لورالائي بلوچستان ۾ ڄائي، ورهاڱي کان پوءِ لڏي وڃي بروچ ۾ رهي، هن آزاد شاعريءَ ۽ مضمون نگاري کي موضوع بڻائي قلم کنيو، سندس ٻه ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن.

3 سيپٽمبر 1931ع

ڪراچيءَ ۾ مکيه مسلمان سياستدانن جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ جي جدائي جي مسئلي تي روشني وجهڻ لاءِ (گول ميزڪانفرنس ۾) الله بخش سومرو، محمد ايوب کهڙو، شيخ صاحب ۽ ميران محمد شاهه ولايت وڃن ۽ خرچ سڀ ڪو پاڻ ڀري.

3 سيپٽمبر 1931ع

سنڌ فنانس ڪاميٽيءَ اڳيان ميران محمد شاهه، الله بخس سومري ۽ محمد ايوب کهڙو شاهدي ڏني.

7 سيپٽمبر 1931ع

لنڊن ۾ گول ميز ڪانفرنس جي ”فيڊرل اسٽرڪچر ڪاميٽيءَ“ جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ ”سائمن ڪميشن رپورٽ“، ”نهرو رپورٽ“ ۽ هندستان جي صوبائي خواهه مرڪزي حڪومتن جي رپورٽن تي غور ويچار ڪيو ويو.

9 سيپٽمبر 1931ع

لاڙڪاڻي ضلعي جو مشهور خلافتي اڳواڻ امام الدين شاهه راشدي وفات ڪري ويو.

9 آڪٽوبر 1931ع

 بمبئي ڪائونسل جو اجلاس هلي پورو ٿيو.

8 نومبر 1931ع

پير علي محمد شاهه راشديءَ جي سيڪريٽري شپ ۾ سکر ۾ قائم ڪيل ”بزم مشاعره“ طرفان سکر ۾ طرحي مشاعرو ٿيو، جنهن لاءِ طرح مصرع هئي ”ڇاڏيکاريئه چشم نرگس کي جو حيران ٿي وئي“

هن مشاعري ۾ لاڙڪاڻي مان جن شاعرن شرڪت ڪئي اهي هئا : ميان علي محمد قادري، حاجي محمود ”خادم“ ۽ ”نياز“ ”سرور“ ”ضامن“، ”فقير“ ۽ ”جوش“ وغيره.

8 نومبر 1931ع

سکر ۾ آغا نظر علي، پير علي محمد شاهه راشدي ۽ پير حسام الدين راشدي جي ڪوششن سان هڪ مشاعرو منعقد ٿيو، جنهن جي صدارت سکر جي سٽي مئجسٽريٽ محمد اسحاق ڪئي، هن مشاعري جي مصرع هئي:

”ڇا ڏيکاريئه چشم نرگس کي جو حيران ٿي وئي“

هن مشاعري ۾ حاجي محمود ”خادم“، ميان علي محمد قادري ۽ ميان غلام سرور ”فقير“ وغيره شرڪت ڪئي.

24 نومبر 1931ع

حيدرآباد ۾ ”سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي“ جي مئنيجنگ ڪاميٽيءَ جي پهرين سالياني گڏجاڻي ٿي، جنهن جي صدارت سيد ميران محمد شاهه ڪئي، شرڪت ڪندڙن مان محمد هاشم ”مخلص“، محمد ابراهيم ”خليل“، محمد بخش ”واصف“، محمد صديق ميمڻ، محمد صديق ”مسافر“، ”خليق“ مورائي ۽ غلام مرتضيٰ جا نالا ذڪر لائق آهن.

هن گڏجاڻي ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته ماڻهن ۾ علمي ۽ ادبي ذوق پيدا ڪرڻ لاءِ هر مهيني جي آخري آچر تي مشاعرو ڪرايو وڃي.

26 نومبر 1931ع

ميهڙ ۾ ”سنڌ خلافت ڪانفرنس“ سڏائي وئي، جنهن ۾ مسلمانن کي متحد ٿي پنهنجي مذهبي ۽ سياسي تشخص برقرار رکڻ جي تلقين ڪئي وئي.

26 نومبر 1931ع

سيٺ حاجي مير محمد بلوچ جي صدارت هيٺ ميهڙ ۾ خلافت ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ جي ايم سيد کان علاوه سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان خلافتي اڳواڻ اچي شريڪ ٿيا، لاڙڪاڻي مان جن شرڪت ڪئي، انهن مان مولانا فتح محمد جو نالو ذڪر لائق آهي، هن ڪانفرنس ۾ سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي هنڌين ماڳين سنڌ آزاد جماعتون ٺاهڻ، پنجاهه سيڪڙو ڍلون گهٽائڻ، پن چري معاف ڪرڻ، ورثي جو بل پاس نه ڪرڻ، هارين کي ووٽ جو حق ڏيڻ، مظلوم ڪشميرين سان همدردي ڪرڻ ۽ غير مسلم پبلشر خواه پرنترس کي قرآن شريف نه ڇپرائڻ جي موضوعن ۽ مسئلن تي ٺهراءُ پاس ڪيا ويا.

11 ڊسمبر 1931ع

ضلعي جيڪب آباد جمعيت العلماءِ جي مولوي نبي بخش عوديءَ جي صدارت هيٺ ٺل ۾ گڏجاڻي ٿي،جنهن ۾ مولانا ابو محمد عبدالله ۽ مولانا عبدالڪريم چشتي ملڪي حالتن تي تقريرون ڪيون، آخر ۾ ٺهراءُ پاس ڪيا ويا، هڪ ٺهراءُ ذريعي حڪومت کان حيدر بخش جتوئي جي ڪتاب ”فرياد سنڌ“ تي پابندي هڻڻ جو مطالبو ڪيو ويو، ٻئي ٺهراءُ مطابق گداگري تي بندش وجهڻ جو مطالبو ڪيو ويو.

12 ڊسمبر 1931ع

ٺل ۾ ڪوٺايل جمعيت العلماءِ ضلعي جيڪب اباد جو ٻئي ڏينهن تي به ميڙاڪو جاري رهيو، ان ۾ فيصلو ڪيوويو ته هر مهيني جي پهرين جمعي تي مبلغن طرفان عوام ۾ مذهبي شعور پيدا ڪرڻ لاءِ تبليغ ڪئي ويندي، ان لاءِ هڪ تبليغي بورڊ پڻ ٺاهيو ويو، جنهن ۾ مولوي نبي بخش عوديءَ کي صدر، مولوي محمد اسماعيل کي نائب صدر، مولوي در مهمد کي سيڪريٽري ۽ مولوي عبداللطيف کي جوائنٽ سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو.

13 ڊسمبر 1931ع

ٺٽي ضلعي جي ڳوٺ هاشم سومري ۾ ”سنڌ آزاد پارٽي“ جي شاخ کولي وئي، جنهن ۾ محمد فضل سومري کي صدر، آخوند عبدالڪريم کي نائب صدر ۽ خالق ڏني سومري کي خزانچي مقرر ڪيو ويو.

13 ڊسمبر 1931ع

”سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي“ حيدرآباد جي سهاري هيٺ حيدرآباد ۾ هڪ مشاعرو ٿيو، جنهن جي مصرع طرح هئي.

”سج چڙهي آيو مٿي، اٿ ننڊ مان بيدار ٿي“

20 ڊسمبر 1931ع

راشدي برادران طرفان قائم ڪيل ”بزم مشاعره“ سکر طرفان هڪ مشاعرو ٿيو، جنهن جي مصرع طرح هئي.

”لذت درد جدا لذات آزار جدا“

20 ڊسمبر 1931ع

”بزم مشاعره“ سکر طرفان سکر ۾ طرحي مشاعرو ٿيو، جنهن لاءِ طرح هئي:

”لذت درد جدا لذت آزار جدا“

هن مشاعري لاءِ ڪيترن لاڙڪاڻي واسي شاعرن به پنهنجا شعر جوڙيا، بزم راشدي ڀائرن (علي محمد شاهه ۽ پير حسام الدين شاهه) جي دم سان آباد هئي.

25 ڊسمبر 1931ع

لاڙڪاڻي ۾ ڀٽا برادري جي سردار، 1926ع ۾ زميندارن طرفان مرڪزي اسيمبليءَ جي ٿيندڙ ميمبر، 1930ع ۾ منتخب ٿيل بمبئي ڪائونسل جي ميمبر سردار واحد بخش ڀٽي ٽيٽيهن سالن جي ڄمار م وفات ڪئي.

Good Wishes