1 جنوري 1929ع

سيد غلام مرتضيٰ شاهه ڪراچي ضلعي ۾ ڳوٺ سڌارڪ تحريڪ شروع ڪئي.

7 جنوري 1929ع

نامرياني سياستدان سيٺ هرچندراءِ جو پيءُ ڪانگريسي سياستدان، ضلعي لوڪلبورڊ ڪراچيءَ جو ميمبر تعلقي لوڪلبورڊ ڪوٽڙيءَ جو پريزيڊنٽ، سنگيت جو ڪوڏيو ۽ علم دوست راءِ بهادر سيٺ وشنداس لاڏاڻو ڪري ويو.

12 جنوري 1929ع

حيدرآباد جي هومسٽيڊ هال ۾ ”انجمن نصرت اسلام“ آرين سان مناظرو ڪيو، انهيءَ سلسلي ۾ مولوي ثناءُ الله امرتسري محمد ابراهيم سيالڪوٽي ۽ بابا خليل داس کي ٻاهران گهرايو ويو، هن جلسي جي صدارت ميران محمد شاهه ڪئي.

 9 فيبروري 1929ع

سيد غلام مرتضيٰ شاهه جي ڪوششن سان ڪراچيءَ ۾ جمشيد نسروانجي جي صدارت هيٺ هڪ ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ پروگرام رٿي ”رورل ريڪنسٽرڪشن“ جي نالي سان هڪ جماعت ٺاهي وئي.

9 فيبروري 1929ع

سرائي حاجي ميان ولي محمد خان ولد حاجي مراد علي خان چانڊيو جيڪو پنهنجي دور جو خلافتي هو ۽ خلافت تحريڪ جي زماني ۾ ڪمشنر جي درٻار جي ڪرسيءَ تي دستبردار ٿيو هو، سو وفات ڪريو ويو.

9 فيبروري 1929ع

ڪراچيءَ ۾ جمشيد مهتانسروانجيءَ جي صدارت هيٺ ڪانفرنس ٿي جنهن ۾ رورل ري ڪنسٽرڪشن نالي هڪ جماعت ٺاهي وئي ته جيئن سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ترقي ۽ سڌاري جا ڪم ڪرايا وڃن.

12 فيبروري 1929ع

چوئٿرام آر گانڌي وارهه ۾ ڄائو، 1947ع جي ورهاڱي کان پوءِ لڏي وڃي احمد آباد ۾ رهيو، سندس شمار ڪهاڻيڪار ۽ ناٽڪ نگارن ۾ ٿئي ٿو.

18 فيبروري 1929ع

جي ايم سيد ڪراچي ضلعي لوڪلبورڊ ٿيڻ کان پوءِ ”ڳوٺ سڌار“ منصوبو تيار ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ هفتيوار ”مسلمان“ ميرپور خاص ۾ هڪ مضمون شايع ڪرايو، جنهن جو تت هن ريت هئو ته:

ماڻهن مان جهالت جو دور ڪرڻ، هنر ۽ حرفت طرف ماڻهن جو توجهه ڇڪرائڻ، اديبن جي انجمن ٺاهي کانئن سنڌي ادب جي واڌاري جو ڪم وٺڻ، نائٽ اسڪول کولڻ، هارين جون جماعتون ٺاهڻ، ٻهراڙيءَ جي عورتن جي سماجي ۽ تعليمي حالت سڌارڻ، نشي وارين شين جي استعمال خلاف تحريڪ هلائڻ ۽ ملڪ مان بيڪاري ختم ڪرڻ.

4 مارچ 1929ع

چئن لعل آهوجا ”اڻٽر“ لاڙڪاڻي ۾ ڄائو، 1947ع کان پوءِ لڏي وڃي ڀارت جي ڄام نگر شهر ۾ آباد ٿيو، سندس شمار مشهور ڪهاڻيڪارن ۽ مضمون نگارن ۾ ٿئي ٿو، هن جو شايع ٿيل ڪتابن مان ”پاپ جي پاڙ“ (1958ع) ۽ احمد آباد جون سنڌي شخصيتون (1977ع) ذڪر لائق آهن.

13 مارچ 1929ع

رمضان عيد پڙهڻ کان پوءِ امروٽ ۾ خلافت ڪاميٽي امروٽ طرفان عوامي ميڙاڪو ٿيو، جنهن ۾ بئراج جي تعمير دوران مسجدن شهيد ڪرڻ واري حڪومت جي حڪمت عمليءَ جي مذمت ڪئي وئي ۽ حڪومت کي چتاءُ ڏنو ويو ته جيڪڏهن مسجدن شهيد ڪرڻ واري فيصلي تي نظر ثاني نه ڪئي وئي ته تحريڪ هلائي ويندي.

10 اپريل 1929ع

سيد غلام مرتضيٰ شاهه ڳوٺ سڌار تحريڪ جي سلسلي ۾ ساري ضلعي ڪراچي لاءِ پروگرام ڪري، حاتم علوي ۽ مولوي عبدالڪريم چشتي سان گڏجي ضلعي جو گشت جو آغاز ڪيو، سندس مخالفن ان گشت کي سياسي رنگ ڏئي ضلعي جي ڪليڪٽر مسٽر گبسن کي ڀڙڪايو، جنهن پوءِ جي ايم سيد کي گشت بند ڪرڻ ۽ ساڻس ملڻ جو حڪم ڪڍيو، ليڪن هن ان جي انحرافي ڪري گشت مڪمل ڪيو.

17 اپريل 1929ع

جيڪب آباد ۾ صوبيدار جي جاءِ تي پوسٽر لڳايو ويو، جنهن جو متن هن ريت هو:

اسان کي ٻڌڻ ۾ ٿو اچي ته توهان هڪ مسلمان ابوالحسن جي خون کي لئي مٽي ڪرڻ چاهيو ٿا، خدا ۽ رسول وٽ جوابده آهيو، جيڪڏهن خوني رجوع نه ٿيا ته ان جي بدلي ۾ مان ڏهه خون ڪندس.

هڪ مومن

 

مرحوم شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جو خيال هو ته اهو پوسٽر ڪنهن مسلمان جو نه پر هندن جي سازش جو نتيجو هو، ڇو ته ان جي ٻولي هڪ مسلمان جي ٻولي نه آهي ۽ خاص طور تي ”مومن“ جو لفظ اڪثر ڪري مسلمان پاڻ لاءِ استعمال نه ڪندو آهي.

10 مئي 1929ع

قمبر علي خان ۾ خلافت ڪاميٽيءَ طرفان عوامي جلسو ٿيو، جنهن جي صدارت ميان غلام محمد خان ڪئي، جڏهن ته مولوي عبدالڪريم چشتي ۽ ميان علي محمد پرجوش تقريرون ڪيون، هن جلسي ۾ ڪيترا ٺهراءَ پاس ڪيا ويا، جن مان هڪ ٺهراءَ ذريعي خيرپور رياست جي ڪائونسل کي عوامي اعتماد نه هجڻ تي ختم ڪرڻ جي گهر ڪئي وئي، ٻئي ٺهراءُ ۾ جيڪب اباد ۾ ٿيل هنگامن تي ڏک جو اظهار ڪندي متاثرين سان همدردي ڪئي وئي.

12 مئي 1929ع

الوحيد جي پرچي ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جو ”مسلم قوم جي سمجهدار باثر ۽ درد دل ماڻهن جي خدمت ۾ اپيل“ جي عنوان سان هڪ مضمون شايع ٿيو، جنهن ۾ هن اسيمبلين ۽ ڪائونسلن ۾ ڪار آمد عيوضين کي چونڊڻ موڪلڻ لاءِ تجويز ڏني ته ”سنڌ مسلم ووٽر ايسوسئيشن“ جي نالي سان هڪ جماعت ٺاهي وڃي ۽ اسيمبلي خواهه ڪائونسلن ۾ ڪارآمد عيوضي چونڊيا وڃن

2 جولاءِ 1929ع

سکر مان ڀوڄراج اجواڻيءَ ايڊيٽري ۾ هفتيوار ”ڀارت“ اخبار جاري ٿي، جيڪا 1934ع ڌاري بند ٿي وئي، هن اخبار ۾ ميونسپل سکر جي مسئلن تي گهڻو لکيو ويندو هو.

21 جولاءِ 1929ع

”الوحيد“ جي پرچي ۾ ”شيخ عبدالمجيد جو دکدائڪ خط“ جي عنوان سان هڪ خط شايع ٿيو، جنهن ۾ شيخ صاحب ٻين ڳالهين سان گڏ هي تجويزون ڏنيون ته:

1.       مظلوم مسلمانن جي مددگار جماعت قائم ڪئي وڃي.

2.       اها جماعت عملداري ۽ غير عملداري ظلمن کان مسلمانن کي بچائيندي رهي.

3.       انهيءَ جماعت پاران هڪ پگهاردار مبلغ مقرر ڪيو وڃي، جو هميشه سنڌ جو دورو ڪندو رهي ۽ پنهنجي جماعت ۽ اخبارن کان بالا عملدارن کي واقف ڪندو رهي.

4.       في الحال الوحيد اخبار جو ايڊيٽر انهيءَ جماعت جو سيڪريٽري ۽ خزانچي ٿئي.

5.       ٻين اخبارن جا ايڊيٽر انهيءَ جماعت جي ڪميٽيءَ جا ميمبر ٿين.

6.       پوريءَ سنڌ ۾ ان جماعت جون شاخون هجن.

11 نومبر 1929ع

ڪراچيءَ ۾ سنڌي مسلمان سياستدانن جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ سيٺ حاجي عبدالله هارون، جي ايم سيد، محمد ايوب کهڙي، سر شاهنواز ڀٽي، حاتم علوي ۽ قاضي عبدالرحمان شرڪت ڪئي. هن گڏجاڻيءَ ۾ سنڌي مسلمانن ۾ سياسي، سماجي، واپاري ۽ تعليمي شعور پيدا ڪرڻ لاءِ هڪ ڪاميٽي ٺاهي وئي.

8 ڊسمبر 1929ع

سيتلداس کٽڻمل جي ايڊيٽريءَ ۾ سکر مان هندو ليگ گزيٽ نالي روزاني اخبار جاري ٿي، جيڪا اڳتي هلي هفتيوار ٿي، اخبار سکر جي ڪوهنور پريس مان ڇپائي ويندي هئي، سانوڻ مل ۽ آرت مل پنجابي هن جا ايڊيٽر ٿي رهيا.

15 ڊسمبر 1929ع

ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي ڪانفرنس ٿي، جنهن جو افتتاح پرنسپال گوڪلي ڪيو، ڊي جي ڪاليج ۾ ڪوٺايل هن ڪانفرنس ۾ پرنسپال شهاڻي، آسانند اماتورا، ڊاڪٽر گربخشاڻي، اين اي قاضي، ڄيٺمل پرسرام، پروفيسر ڦيرواڻي ۽ جي ايم سيد کان سواءِ ڪيترن ليکڪن، اديبن ۽ شاعرن شرڪت ڪئي، هن موقعي تي ”سنڌي ساهت سڀا“ نالي ادبي تنظيم جوڙي وئي.

15 ڊسمبر 1929ع

ڪراچي وديارٿي سماگم جي چيئرمين آسانند مامتورا، ادب سان دلچسپي رکندڙن جي گڏجاڻي سڏائي ڊي جي سنڌ ڪاليج ۾ ڪوٺايل هن گڏجاڻيءَ ۾ پرنسپال ايس سي شهاڻي، پرنسپال جي اين گوڪلي، پرنسپال اين اي غلام علي، ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڄيٺمل پرسرام، شيورام ڦيرواڻي ۽ جي ايم سيد وغيره شامل ٿيا. ”سنڌ وديارٿي سماگم جي پريذيڊنٽ جي اين گوڪلي هن ڪانفرنس جو افتتاح ڪيو، بحث مباحثي بيد ”سنڌي ساهت سڀا“ نالي تنظيم جوڙي وئي، جنهن جي هي متا ۽ مقصد طئي ڪيا ويا:

1.       سڀ ڪنهن رستي سان سنڌي اديبات جي واڌ ۽ ويجهه لاءِ ڪوشش ڪرڻ.

2.       سنڌ جي هڪ مرڪزي جماعت طرح ان کي فعال رکڻ ۽ سنڌي دانن، اهل قلم ۽ ادب سان دلچسپي رکندڙن کي پاڻ سان شامل ڪرڻ، اهو پڻ فيصلو ڪيو ويو ته ”سنڌي ساهت سڀا“ جا اهي فرض هوندا ته

i.                    مرڪزي لائبرري ٺاهي وڃي.

ii.                  ڇاپيل سنڌي ڪتابن جي درست يادداشت (ببلوگرافي) پوري طرح تيار ڪري.

iii.                هٿ لکيل (قلمي) ڪتاب گڏ ڪري ڇپرائجن.

iv.                 نون سنڌي ڪتابن شايع ڪرائڻ لاءِ اسڪيم تيار ڪري.

v.                   ڪنهن قابل سنڌي دان جي لکيل سنڌي ٻولي ۽ اديبات بابت تاريخ هٿ ڪري ڇپرائجي.

vi.                 هڪڙي اعليٰ درجي جي مضمونن واري منمزن جاري ڪري.

”سنڌي سهات سڀا“ کي فعال بنائڻ لاءِ هن ريت عهديدار ۽ ميمبر مقرر ڪيا ويا.

پرنسپال ايس سي شهاڻي(صدر)، ڊاڪٽر گوربخشاڻي ۽ ڊاڪٽر دائودپوٽو (نائب صدر)، لعل چند امر ڏنو مل ۽ مسٽر عبدالحق (جوائنٽ سيڪريٽري) اي جي مامتورا (خزانچي)، اهڙي ريت ميمبر هن ريت مقرر ڪيا ويا.

پرنسپال اين اي غلام علي، محمد صديق ميمڻ، ڄيٺمل پرسرام، جي ايم سيد، نادر بيگ مرزا، امداد علي قاضي (آءِ آءِ قاضي)، پيرو مل مهرچند آڏواڻي، روچيرام سڏاڻي، شيوا رام ڦيرواڻي، ٽي ايم آڏواڻي ۽ منگها رام ملڪاڻي

(هن سوچ ۽ ڪوشش اڳتي هلي ”سنڌي ساهت لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ يا سنڌي ادبي بورڊ کي جنم ڏنو)

Good Wishes