ڪراچيءَ ۾ ”پريم منڊلي“ جي نالي سان هندن طرفان سماجي ۽ ڌرمي ۽ ڌرمي تنظيم جوڙي وئي . جنهن جو دفتر بندر روڊ تي فيض حسيني بلڊنگ ۾ هوندو هو . هن تنظيم وري ريڊنگ روم ۽ لائبرري قائم ڪئي . ان کان سواءِ هيلٿ سرڪيوليٽنگ لائيبرري جو انوکو تجربو ڪيو . جنهن مطابق ميمبرن کي صحت ۽ فزيڪل ڪلچر بابت ڪتاب پڙهڻ لاءِ سندن گھر پهچاياويندا هئا . هن تنظيم طرفان ڀنگن لاءَ نائيٽ اسڪول به کوليو ويو . تنظيم وقت به وقت مختلف ماڻهن کان ليڪچر به ڪرائيندي هئي . ان کان سواءِ مذهبي ڏڻ ملهائيندي هئي ۽ سالگرهن تي اسٽيج ڊراما به پيش ڪندي هئي .

1912ع

هز هائينس سر سلطان محمد شاهه پرنس ڪريم آغا خان سنڌ مدرسة الاسلام جو معائنو ڪيو . ۽ هن اتي خطاب به ڪيو .

18 جنوري 1912ع

”انجمن اشرف الاسلام“ ڪراچيءَ طرفان اولڊ مارڪيٽ چونڪ تي عوامي ميڙاڪو ٿيو . جنهن ۾ مولوي عبدالحڪيم درس خطاب ڪيو .

03 مارچ 1912ع

 ”جنازي کي پورجي يا ساڙجي“ جي موضوع تي آريا سماجين ، مسلمانن ۽ عيسائين جو ٿيل مناظرو پڄاڻيءَ تي پهتو . هفتن کان هلندڙ هي مناظرو ڪراچيءَ جي ”انجمنِ ضياءُ الاسلام“ ، ”آريا ينگ مينس ائسوسيئيشن“ جي اهتمام سان انجمن جي دفتر ۾ ٿيندو هو .

ٻيو مناظرو ”روح ۽ مادي جي حقيقت ۽ لافانيت“ جي موضوع تي پنجن ڏينهن يعنى 27 1پريل 1912ع تي ٿيو . جنهن ۾ بحث جي شروعات رام شيوڪ لعل ڪئي هئي . اهو ڌيان ۾ رکندي ته متان ههڙن مناظرن مان سنڌ جي مذهبي رواداريءَ واريون روايتون مجروح ٿين انجمنِ ضياءُ الاسلام اهڙن مناظرن ۾ شرڪت ڪرڻ ختم ڪري ڇڏي .  

22 اپريل 1912ع

حيدرآباد ۾ شرعي استادن جي تنظيم ”انجمنِ معلم الشرع“ جي مولوي حمادالله حاجيءَ جي صدارت ۾ گڏجاڻي ٿي ، جنهن ۾ پنجن هزارن کان وڌيڪ مسلمانن شرڪت ڪئي . هن گڏجاڻيءَ ۾ ٺٽي جي قاضي فضل الله جي تجويز تي گوني تعلقي جي زميندار قاضي حاجي سيد اسدالله جي تائيد سان ٺهراءُ پاس ڪري ڪراچيءَ جي ڪليڪٽر مسٽر لارينس کي واڌايون ڏنيون ويون . ڇوته هن مسلمانن کي سرڪيولر تعليم ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار پئي ادا ڪيو . 

04 مئي 1912ع

ڪراچيءَ ۾ ”محمدن ڪلب“ طرفان محمد ابراهيم کي خيرپور رياست جي وزير مقرر ٿيڻ تي آجياڻو ڏنو ويو . هن آجياڻي ۾ مير اڪبر ، ٺٽي جي قاضي فضل الله  ، حاجي غلام محمد خواجه ۽ ٻين شرڪت ڪئي . 

02 جون 1912ع

ڪراچيءَ ۾ ”محمدن ڪلب“ پنهنجي گڏجاڻيءَ ۾ ٺهراءُ پاس ڪري نارٿ ويسٽرن ريلوي جي ٽريفڪ سپريڊنٽ کي گذارش ڪئي ته اجمير جي زيارت تي ويندڙ سنڌ واسين کان اڌ ڀاڙو ورتو وڃي . ياد رهي ته واسطيدار عملدارن انهيءَ ٺهراءَ جي موٽ ڏني ته اها سهولت ڏيڻ ممڪن ناهي .

07 جون 1912ع

سنڌ مدرسي جي سيڪريٽريءَ لاڙڪاڻي ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ کي گذارش ڪئي ته مدرسي جي گرانٽ وڍائي وڃي . ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ پنهنجي 30 آڪٽوبر 1912ع واري اجلاس ۾ 600 روپين جي اضافي گرانٽ ان شرط تي منظور ڪئي ته لاڙڪاڻي ضلعي سان واسطو رکندڙ شاگردن کي اسڪالر شپ ڏني وڃي .

25 جولاءِ 1912ع

اسسٽنٽ ڪليڪٽر لاڙڪاڻه پنهنجي مراسلي نمبر 197 ۾ ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ لاڙڪاڻي کي گذارش ڪئي ته تعلقي لوڪلبرڊ قمبر جا ٽي ڏاند مري ويا آهن ، ان ڪري ٽن ڏاندن جي خريداريءَ لاءِ 180 روپيا منظور ڪيا وڃن .

ياد رهي ته هن زماني ۾ سرڪاري کوهن مان نار ذريعي پاڻي ڪڍڻ ، شهرن مان گند ڪچري کڻڻ ۽ روڊن رستن لاءِ ڍوئڻ ۽ ٿوري مفاصلي تي سرڪاري سامان ڍوئڻ لاءِ ڏاند گاڏيون ڪم آڻبيون هيون . بيلدار انهن ڏاند گاڏين هلائيندڙن کي چيو ويندو هو .

ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جي اسسٽنٽ ڪليڪٽر اها سفارش پنهنجي 30 آڪٽوبر واري اجلاس ۾ منظور ڪئي .

12 آگسٽ 1912ع

ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جي گڏجاڻي ٿي . جنهن ۾ سرائي شاهه محمد لاهوري ، سرائي گھنور خان اسراڻ ، دوست محمد جتوئي ، ديوان مولچند ، سيد الله بخش ، ديوان ڀوڄراج پارو مل، رسول بخش ڀُٽي ، ڌڻي بخش جتوئي ، عبدالنبي جوڻيجي ، عبدالله خان چانڊئي ، جان محمد ٿيٻي ، ڏاتي خان چانڊئي ، قاضي محمد عالم ۽ سيٺ سنتداس هرچو مل شرڪت ڪئي .

       هن گڏجاڻيءَ ۾ بممئي ليجسليٽو ڪائونسل جي ميمبرن جي چونڊڻ لاءَ ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ پنهنجا ست ڊيليگيشنس منتخب ڪيا ، جيڪي هُئا ،

        وڏيرو رسول بخش ڀٽو (چيئرمين) ، سرائي گھنور خان ، ڌڻي بخش ، شاهه محمد لاهوري ، سيد الله بخش ، عبدالله خان چانڊيو ، جان محمد ٿيٻو ۽ قاضي محمد عالم .

15 نومبر 1912ع

 

Good Wishes