بمبئي جي گورنر سر جارج سيڊن هام ڪليرڪ سنڌ مدرسي ۾ حسن علي هائوس جي عمارت جي پيڙهه جو پٿر رکيو . هن عمارت جي اڏاوت جو اڌ خرچ سنڌ واسين ڀريو هو ۽ اڌ سرڪار ڏنو هو . هيءَ جاءِفيبروري  1910ع ۾ پوري ٿي ٺهي .

16 جنوري 1909ع

هرچندراءِ وشنداس جي صدارت هيٺ ”برهمو سماج مندر“ ڪراچيءَ طرفان انهيءَ تنظيم جي باني ساڌو هيرانند جو ياد ڏهاڙو ملهايو ويو . خان ڏني حال ۾ منعقد ڪيل تقريب کي پروفيسر شهاڻي ۽ ٽي . ايل . واسواڻي خطاب ڪيو . جنهن ۾ مقررن ساڌو هيرانند جي شخصيت ۽ سماجي سڌاري لاءِ ورتل سندس ڪوشش تي روشني وڌي .

          هيءَ ڳالهه نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي ته هن انظيم ڪراچيءَ واسين جي مثالي سماجي خدمت ڪئي ۽ مذهبي حوالي سان وري هندن ۾ آريا سماج واري مت کي مشهور ۽ مقبول ڪيو . مندر ، منڊل طرفان ڄاڻو عالمن کان ليڪچر ڪرايا ويندا هئا ۽ مذهبي آدرشن جا ڏينهن ملهايا ويندا هئا . خاص طور تي پروفيسر ٽي . ايل واسواڻي هن پليٽ فارم تان پنهنجي ڌرم ڀائين کي پنهنجي ڌات ۽ ڏاهپ جا مٽ پيارا .  

17 جولاءِ 1909ع

سنڌ جي ڪمشنر پنهنجي مراسلي نمبر 1478 موجب ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ کي صلاح ڏني ته مسلمان شاگردن لاءِ ”اسپيشل اسڪالر شپ“ شروع ڪئي وڃي . اها اسڪالر شپ چئن سالن لاءِ هجي ۽ في اسڪالر شپ 40 کان 60 روپين تائين هجي . انهيءَ اسڪالر شپ آڌار تي پڙهي نڪتل شاگردن کي تعليم کاتي ۾ انسپيڪشن برانچ ۾ ملازمت ڏني ويندي .

       ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ پنهنجي 02 نومبر 1909 واري اجلاس ۾ ٺهراءَ نمبر 5 ذريعي اسپيشل اسڪالر شپ جي اسڪيم منظور ڪئي . 

19 جولاءِ 1909ع

ڪراچيءَ ۾ سنڌ جي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر مسٽر رائيٽ جي صدارت ۾ اين . جي .وي هاءِ اسڪول ۾ تعليمي ڪانفرنس ٿي ، جنهن ۾ ”ائنگلو ورنيڪيولر“ اسڪولن جي نصاب تي غور ويچار ڪيو ويو . هن ۾ ڪراچيءَ جي ائنگلو ورنيڪيولر اسڪولن جي هيڊ ماسترن اين ايڇ اڪيڊمي ۽ نئون وديا حيدرآباد جي هيڊ ماسترن به شرڪت ڪئي .  

19 جولاءِ 1909ع

”انجمنِ ميمن ڪراچي“ جي گڏجاڻي ٿي . جنهن ۾ هڪ ٺهراءَ ذريعي رئيس غلام محمد ڀرڳڙيءَ کي گذارش ڪئي وئي ته هو انجمن جي صدارت قبول ڪري .

19 جولاءِ 1909ع

گوبند رام سلاتراءِ راءِسنگھاڻي شهداد ڪوٽ ۾ ڄائو . 1947ع جي ورهاڱي کانپوءِ لڏي وڃي انڊور ۾ ويٺو . سندس شمار ليکڪن ، شاعرن ، ڪهاڻيڪارن ۽ مضمون نگارن ۾ ٿئي ٿو .

01 آگسٽ 1909ع

ڪراچيءَ جي ڊي . جي سنڌ ڪاليج ڊبيٽگ ائنڊ لٽرري سوسائٽيءَ طرفان ليڪچر جو اهتمام ڪيو ويو . جنهن ۾ پروفيسر ايڇ . پي فاريل ” انگلينڊ جا تعليمي ادارا “ جي موضوع تي ليڪچر ڏنو .

04 آگسٽ 1909ع

ڪراچيءَ جي ڊي . جي سنڌ ڪاليج ڊبيٽگ ائنڊ لٽرري سوسائٽيءَ طرفان ليڪچر جو اهتمام ڪيو ويو . جنهن ۾ وويب ” سيروسفر “ جي موضوع تي ليڪچر ڏنو .

10 آگسٽ 1909ع

سنڌ جي ڪمشنر پنهنجي مراسلي نمبر جي ــ 368 ۾ لوڪلبورڊس کي صلاح ڏني ته ”ايڊيوڪيشن سيس بل“ جي روشنيءَ ۾ ماڻهن کان تعليمي محصول (ايڊيوڪيشن سيس) ورتو وڃي ته جيئن تعليم کي عام ڪرڻ ۾ آساني ٿئي .

        ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ پنهنجي 02 نومبر 1909ع واري اجلاس ۾ ٺهراءَ نمبر 12 ذريعي سرائي شاهه محمد لاهوريءَ جي تجويز منظور ڪئي ته تعليمي محصول فقط 3 پايون ورتو وڃي . سو به مسلمانن کان .

12 آگسٽ 1909ع

ڪراچيءَ جي ڊي . جي سنڌ ڪاليج ڊبيٽگ ائنڊ لٽرري سوسائٽيءَ طرفان ليڪچر جو اهتمام ڪيو ويو . جنهن ۾ ٽي ايل واسواڻيءَ ”هيرانند ۽ سندس زندگيءَ جو مقصد“ جي موضوع تي ليڪچر ڏنو .

17 آگسٽ 1909

ڪراچيءَ جي ڊي . جي سنڌ ڪاليج ڊبيٽگ ائنڊ لٽرري سوسائٽيءَ طرفان ليڪچر جو اهتمام ڪيو ويو . جنهن ۾ پروفيسر ايف لڊلو ” اهي بيماريون جيڪي قوم لاءِ هاڃيڪار آهن “ جي موضوع تي ليڪچر ڏنو .

31 آگسٽ 1909ع

سنڌ جي ائڪٽنگ ڪمشنر پنهنجي مراسلي نمبر 3456 ذريعي لاڙڪاڻي جي ڪليڪٽر کي لکيو ته اوهان جيڪا پنهنجي لکپڙهه نمبر 4421 تاريخ 20 آگسٽ 1909ع ۾ سفارش ڪئي آهي ته لاڙڪاڻي ۽ رتيديري جي زميندارن کي سرڪار سان سهڪار ڪرڻ جي موٽ ۾ سيري گرانٽ ڏني وڃي ، اها قبول نه ٿي ڪري سگھجي  . ڇوته اهڙو عمل سرڪار جي وڏي غلطي برابر ٿيندو . اهو زميندارن تي فرض عائد ٿو ٿئي ته هو امن امان قائم ڪرڻ ۽ ڏوهن گھٽائڻ ۾ سرڪار جو ساٿ ڏين . اهو ئي زميندارن لاءِ اعزاز آهي .

01 سيپٽمبر 1909ع

سنڌ (حيدرآباد) ۾ ساڌو نوبتراءِ سڀ کان پهريون 1866ع ۾ سک خالصن جي مذهبي ، سماجي ۽ ثقافتي تنظيم ”سک سڀا“ قائم ڪئي . انهيءَ کان وٺي پاڪستان قائم ٿيڻ تائين سک پنهنجي شخصيت کي قائم رکندا آيا . سندن اهڙين ارگرمين جو رڪارڊ گل حيات ۾ موجود آهي .

      هن تاريخ تي ڪراچيءَ ۾ سکن جي ٻئي تنظيم ”گورسنگ سڀا“ طرفان گرو نانڪ جي وڏي پئماني تي سالگره ملهائي ويئي .

27 سيپٽمبر 1909ع

 

Good Wishes