”دي برٽش امپائر ليگ“ ڪراچي برانچ جي پهرين سالياني گڏجاڻي نائب صدر ايم ڊي ويب جي صدارت هيٺ ٿي . سيڪريٽري مسٽر ورين سالياني رپورٽ پيش ڪئي . ان کان پوءِ ايندڙ سال لاءِ عهديدارن جي چونڊ ڪئي وئي . هن ليگ ۾اڪثر ميمبر ۽ عهديدار گورا عملدار هوندا هئا . ڏيهي ماڻهن کي حڪومت سان وفادار بڻائڻ هن ليگ جو

13 مارچ 1907ع

نامياري عالم ۽ شاعر مولوي محمد عاقل سومري کي عبدالفتاح نالي فرزند ڄائو . جنهن اڳتي هلي ”عبد عاقلي“ جي تخلص سان شاعريءَ جي دنيا۾ شهرت ماڻي . هن ڪجھ وقت سکر جي ”سنڌ زميندار“ اخبار جي سب ايڊيٽري ڪئي ۽ لاڙڪاڻي جي ”پاڪستان“ اخبار جو ايڊيٽر ٿيو . ان کان علاوه ”بزمِ مشاعره“ لاڙڪاڻي“ ، ”سنڌ سڌار سوسائٽي سنڌ“ ۽ ”جميعت الشعراءِ سنڌ “ جو سرگرم ڪارڪن ٿي رهيو . سندس وفات 1973ع ۾ ٿي .

02 اپريل 1907ع

لاڙڪاڻي جا هندو ”سنڌو هندو پئنچائت“ ۽ ”سنڌ هند سڀا“ جي صدر هرچندراءِ وشنداس سان ڪراچيءَ ۾ مليا ۽ کيس لاڙڪاڻي شهر ۾ چورين ۽ ڌآڙن جي وارداتن کان باخبر ڪيائون . سيٺ هرچند راءِ  ڪمشنر۽ اسسٽنٽ ڪمشنر سان ملي سڀاڻي جو ٽائيم به وٺي آيو ۽ ڱيس صورتحال خان به باخبر ڪري آيو .

           ٻئي ڏينهن يعنى 12 اپريل تي هرچندراءِ وشنداس لاڙڪاڻي واسي هندن کي وٺي ڪمشنر ڏي ويو ، جن کيس لاڙڪاڻي ۾ ڌاڙن ۽ چورين کي ٻنجي ڏيڻ لاءِ درخواست ڪئي .

11 اپريل 1907ع

 

Good Wishes